رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا ميديڪل ايڊ ڪميٽي جي ڪلينڊر جو افتتاح ڪري ڇڏيو
ڪراچي: 15 فيبروري 2016
ايم ڪيو ايم ميديڪل ايڊ ڪميٽي جو جنرل ورڪرز اجلاس لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ٿيو.جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جي ڪلينڊر جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي شاهد پاشا چيو ته ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جون طبي شعبي ۾ خدمتون ناقابل فراموش آهن. بلوچستان جو ڏڪار هجي، آزاد ڪشمير جو زلزلو هجي يا سيلاب جي صورتحال هجي، هر موقعي تي ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي ڏکايل انسانيت جي وڌي چڙهي ڪري خدمت ڪئي آهي.جنهن تي ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي کي جيترو به خراج تحسين پيش ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي شبير احمد قائم خاني چيو ته تحريڪ جي هر ڏکئي وقت ۾ ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪري پنهنجن فرضن کي پورو ڪيو آهي.
*****