معروف اداڪار حبيب جي علالت تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار
لنڊن: 15 فيبروري 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين معروف اداڪار حبيب جي علالت تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته حبيب گهڻين ئي تاريخي ۽ سماجي مسئلن تي ٻڌل فلمن ۾ اهم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مون کي جڏهن اها اطلاع ملي ته حبيب کي برين هيمرج ٿي ويو آهي ۽ انهن کي وينٽي ليٽر تي رکيو ويو آهي ته مون کي وڏي ڳڻتي ٿي . جناب الطاف حسين حق پرست امڙين، ڀينرن، بزرگن ۽ نوجوانن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي اداڪار حبيب جي صحت يابي جي لاءِ دعائون ڪن.
*****