پاڪستان جي نامور ادبي شخصيت ، ليکڪ، ناول نگار ۽ پي ٽي وي جي ڪيترن ئي مشهور ڊرامن جي خالق محترمه فاطمه ثريا بجيا جي وفات تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار
لنڊن: 10 فيبروري 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان جي نامور ادبي ۽ سماجي شخصيت، ناول نگار ، ليکڪ ۽ پي ٽي وي جي ڪيترن ئي مشهور ڊرامن جي خالق محترمه فاطمه ثريا بجيا جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته فاطمه ثريا بجيا جي وفات سان ادب جي دنيا هڪ وڏي شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي ۽ انهن جي وفات سان پاڪستان جي ادبي ۽ سماجي حلقن ۾ پيدا ٿيندڙ خال کي شايد صدين ۾ به ڀري نه سگهجي. جناب الطاف حسين مرحومه جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. ان کان علاوه جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
*****