Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ميئرن، ڊپٽي ميئرن، ضلعي چيئرمينن ۽ مخصوص سيٽن جا اليڪشن شو آف هينڊ جي ذريعي ڪرائڻ جي ڪاري قانون کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي سنڌ هائي ڪورٽ جي فيصلي تي ايم ڪيو ايم جي مبارڪباد پيش


ميئرن، ڊپٽي ميئرن، ضلعي چيئرمينن ۽ مخصوص سيٽن جا اليڪشن شو آف هينڊ جي ذريعي ڪرائڻ جي ڪاري قانون کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي سنڌ هائي ڪورٽ جي فيصلي تي ايم ڪيو ايم جي مبارڪباد پيش
 Posted on: 2/10/2016
ميئرن، ڊپٽي ميئرن، ضلعي چيئرمينن ۽ مخصوص سيٽن جا اليڪشن شو آف هينڊ جي ذريعي ڪرائڻ جي ڪاري قانون کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي سنڌ هائي ڪورٽ جي فيصلي تي ايم ڪيو ايم جي مبارڪباد پيش
ڪراچي: 10 فيبروري 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ميئرن، ڊپٽي ميئرن، ضلعي چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ مخصوص سيٽن جا اليڪشن “ شو آف هينڊ ” جي ذريعي ڪرائڻ جي قانون کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي سنڌ هائي ڪورٽ جي فيصلي جو زبردست خير مقدم ڪيو آهي ۽ ان فيصلي تي سنڌ جي عوام کي مبارڪباد به پيش ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پي پي جي سنڌ حڪومت سنڌ خصوصن سنڌ جي شهري علائقن تي پنهنجو تسلط قائم ڪرڻ جي لاءِ روز روز نوان هٿڪنڊا استعمال ڪري رهي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سنڌ حڪومت مڪاني اليڪشن ته ڪرائي ڇڏيا پر اها مڪاني اليڪشن جي عمل کي مڪمل ٿيڻ ۽ مڪاني ادارن جي وجود ۾ اچڻ جي رستي ۾ رڪاوٽون وجهي رهي آهي. ميئرن، ڊپٽي ميئرن ، ضلعي چيئرمينن ۽ مخصوص سيٽن جا اليڪشن شو آف هينڊ جي ذريعي ڪرائڻ جو قانون به انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي هو. جنهن کي سنڌ هائي ڪورٽ ڪالعدم قرار ڏيئي ڇڏيو آهي.  رابطا ڪميٽي اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته ميئرن، ڊپٽي ميئرن، ضلعي چيئرمينن ،وائيس چيئرمينن ۽ مخصوص سيٽن جي اليڪشن جو شيڊول به فوري طور تي جاري ڪيو وڃي ته جيئن مڪاني ادارا مڪمل ٿي سگهن. رابطا ڪميٽي سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته شو آف هينڊ جي قانون وانگر سنڌ حڪومت مڪاني ادارن کي انهن جي اختيارن کان محروم ڪرڻ جو قانون به منظور ڪيو آهي. اهو قانون به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ آئين جي مطابق مڪاني ادارن کي انهن جا سمورا اختيار ڏنا وڃن ته جيئن مڪاني ادارا  موثر انداز ۾ عوام جي خدمت ڪري سگهن.
*****

5/17/2024 11:03:31 PM