پاڪستان ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي جي فائدي کان عوام کي لڳاتار محروم رکڻ تي سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 9 فيبروري 2016
سنڌ اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن عالمي منڊي ۾ پيٽرول جا اگهھ انتهائي گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي جي فائدي کان عوام کي لڳاتار محروم رکڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ لڳاتار گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ ان جو فائدو عوام کي ڏيڻ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي. پر حڪومت ان گهٽتائي جو فائدو عوام کي نه ڏيئي رهي آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته جيڪڏهن حڪومت پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي نه ڏنو ته پوءِ عوام پنهنجي احتجاج جو حق محفوظ رکن ٿا. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي ڏيڻ جا فوري طور تي حڪم جاري ڪيا وڃن.
*****