Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پي آئي اي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين سهيل بلوچ جي ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر نديم نصرت سان فون تي ڳالھھ ٻولھھ


پي آئي اي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين سهيل بلوچ جي ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر نديم نصرت سان فون تي ڳالھھ ٻولھھ
 Posted on: 2/6/2016 1
پي آئي اي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين سهيل بلوچ جي ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر نديم نصرت سان فون تي ڳالھھ ٻولھھ
لنڊن: 7 فيبروري 2016 
پي آئي اي ايمپلائيز جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين سهيل بلوچ  ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ فون ڪري رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت سان ڳالھھ ٻولھھ ڪئي ۽ پي آئي جي احتجاجي ملازمن سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ان مسئلي تي آواز اٿارڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي قيادت جو شڪريو به ادا ڪيو. سهيل بلوچ نديم نصرت کي ٻڌايو ته موجوده حڪومت جو هڪ خاص حلقو پي آئي اي جي نجڪاري ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پي آئي اي جا ملازم اداري جي نجڪاري نه ٿا چاهين ۽ احتجاج ڪري رهيا آهن. پر انهن کي طاقت جي ذريعي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پي آئي اي جا ٻه ملازم سرڪاري اهلڪارن جي فائرنگ سان شهيد به ٿي ويا ۽ چار ملازم هن مهل تائين لاپتا آهن. سهيل بلوچ ايم ڪيو ايم اڳواڻڻ جي طرفان پي آئي اي جي ملازمن سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ اچڻ تي ايم ڪيو ايم جي قيادت جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم جي طرفان يڪجهتي جي اظهار سان اسان کي هڪ وڏي طاقت ملي آهي. سهيل بلوچ ايم ڪيو ايم کي 8 فيبروري بروز سومر تي هڪ بجي نڪرندڙ پرامن ريلي ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني. نديم نصرت سهيل بلوچ سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي سرڪاري اهلڪارن جي فائرنگ سان پي آئي اي جي ٻن ملازمن جي شهادت جي واقعي تي هڪ ڀيرو ٻيهر افسوس جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي خاطري ڪرائي ته ايم ڪيو ايم پي آئي اي جي مطالبن جي حمايت ڪري ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سميت پوري ايم ڪيو ايم جائز مطالبن جي جدوجهد ۾ پي آئي اي جي ملازمن سان گڏ آهي. انهن سهيل بلوچ کي پرامن ريلي ۾ شرڪت جي خاطري به ڪرائي . 



5/18/2024 1:17:55 AM