Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

محب وطن پنجابين کي ميدان ۾ اچي ڪري چوڻ گهرجي ته ايليٽ ڪلاس پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب بڻجي رهي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


محب وطن پنجابين کي ميدان ۾ اچي ڪري چوڻ گهرجي ته ايليٽ ڪلاس پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب بڻجي رهي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 2/6/2016 1
محب وطن پنجابين کي ميدان ۾ اچي ڪري چوڻ گهرجي ته ايليٽ ڪلاس پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب بڻجي رهي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ انتظامي بنيادن تي 20 صوبا بڻايا وڃن.
علامه اقبال الڳ وطن جي بجاءِ مسلم اڪثريتي علائقن کي خودمختيار رياستن جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو.
سکر نواب شاھ، سانگهڙ ۽ ٽنڊو الهيار ۾ جشن فتح جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل اجتماعن کي هڪ ئي وقت ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن: 6 فيبروري 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته محب وطن پنجابين کي ميدان ۾ اچي ڪري چوڻ گهرجي ته حڪمران طبقو ۽ ايليٽ ڪلاس سڄي ملڪ ۾ نفرت ۽ عصبيت ڦيلائڻ ۽ پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب بڻجي رهي آهي. پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ انتظامي بنيادن تي 20 نوان صوبا بڻايا وڃن. انهن خيالن جو اظهار انهن سکر، نواب شاھ، سانگهڙ ۽ ٽنڊو الهيار ۾ هڪ ئي وقت جشن فتح جي اجتماعن کي خطاب ڪندي فرمايو. اهي اجتماع برطانيه ۾ جناب الطاف حسين جي خلاف مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ ضمانت جي خاتمي جي خوشي ۾ منعقد ڪيا ويا هئا. ان کان اڳ سکر، نواب شاھ، سانگهڙ ۽ ٽنڊو الهيار ۾ ريليون ڪڍيون ويون ۽ مٺايون به ورهايون ويون. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين جلسن جي عوام کي جشن فتح جي مبارڪباد ڏيندي فرمايو ته حق پرست ڪارڪنن ۽ عوام هن ڀيري به ڏکئي وقت ۾ ماضي وانگر ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي الطاف ڀاءُ جو  هٿ نه ڇڏيو. جنهن تي هڪ هڪ امڙ، ڀيڻ، بزرگ ، نوجوان ۽ معصوم ٻارڙا زبردست خراج تحسين جا مستحق آهن.جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان جا بااختيار ادارا پهرين ئي ڏينهن کان ايم ڪيو ايم کي هن ڌرتي تان ميٽڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن. ان مقصد جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن کي ڪوڙن مقدن ۾ گرفتار ڪري بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو. انهن کي ظالمانه سزائون ڏنيون ويون ۽ ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو ته جيئن عوام کي خوف زده ڪري ايم ڪيو ايم کان پري ڪري سگهجي. 1978 کان وٺي ڪري ائين ئي ڪيو پيو وڃي. جڏهن ڪراچي يونيورسٽي ۾ اي پي ايم ايس او جو قيام عمل ۾ آندو ويو ، اسٽيبلشيمنٽ ۽ با اختيار ادارن مهاجر دشمن تنظيمن جي ذريعي مهاجرن جي آبادين تي حملا ڪرايا، مهاجرن کي انهن جي گهرن مان ڪڍيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻي، ٽنڊو الهيار، سکر ، نواب شاھ، سانگهڙ ۽ ٻين علائقن مان مهاجرن کي ٻيهر هجرت جي عمل مان گذرڻو پيو. انهن کي اڄ به ان ڳالھھ جو يقين نه آهي ته اهي اڄ جتي آباد آهن اتي سڀاڻي انهن کي رهڻ ڏنو ويندو يا نه .  جناب الطاف حسين فرمايو ته تحريڪ پاڪستان جي موقعي تي اسان جي بزرگن بٽ ڪي رهي گا هندستان..... لي ڪي رهين گي پاڪستان ۽ سيني پي گولي کائين گي .....پاڪستان بنائين گي جا نعرا لڳايا. پر انهن کي ان جي خبر نه هئي ته پاڪستان ڪٿي بڻايو ويندو. جناب الطاف حسين اله آباد ۾ 29 ڊسمبر 1930 تي شاعر مشرق علامه اقبال جي خطبي جو ذڪر ڪندي فرمايو ته خطبه اله آباد ۾ علامه اقبال ننڍي کنڊ اتر اوڀر مسلم اڪثريتي علائقن تي ٻڌل الڳ وطن بڻائڻ جي بجاءِ انڊيا جي جاگرافيائي حدن ۾ رهندي خودمختيار رياستن جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو. پر ان ۾ بنگال جو ڪوئي به ذڪر نه هو. قيام پاڪستان جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ وارن اسان جي بزرگن نه سوچيو هو ته اهي جن علائقن ۾ پاڪستان بڻائڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهن. اتان جا مسلمان لٽيل ۽ اجڙيل مهاجرن کي انهن جا حق ڏيڻ جي بجاءِ پهرين پنهنجو حق ڄاڻائيندا. اڄ به بانيان پاڪستان ۽ انهن جي اولادن کي انهن جي بڻايل وطن ۾ هن زمين جو پٽ تسليم ئي نه ٿو ڪيو وڃي. مهاجر عوام پنهنجن حقن جي آواز بلند ڪن ۽ پنهنجن جائز حقن جي جدوجهد ڪن ته انهن کي ڀارت، را، اسرائيل، برطانيه ۽ آمريڪا جو اينجٽ قرار ڏنو وڃي ٿو. مون تي  جيترا به بي حساب من گهڙت الزام لڳايا ويا. ايترا مقدما ته پاڪستان تي ڪنهن به سياسي اڳواڻ تي نه بڻايا ويا آهن. پاڪستان جي ڪنهن به سياسي اڳواڻ جي گهر تي اهڙي طرح بار بار ڇاپا نه هنيا ويا جهڙي طرح منهنجي گهر نائن زيرو تي هنيا ويا.  انهن فرمايو ته  نفرت ۽ تعصب جو اهو حال آهي ته پي آئي اي جا ملازم پنهنجن حقن جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري رهيا آهن. پر صرف ڪراچي ۾ انهن جي پرامن مظاهري تي لٺيون وسايون وڃن ٿيون ۽ گوليون هلايون وڃن ٿيون ۽ دهشت گردي جو الزام لڳائي ڪري صرف ڪراچي ۾ بار بار آپريشن ڪيو وڃي ٿو. جناب الطاف حسين اجتماعن جي شرڪاء کان پچيو ته اسٽيبلشمينٽ جي طرفان بنگالين، بلوچن، پختونن، سنڌين ۽ مهاجرن کي ته غدار قرار  ڏنو وڃي ٿو پر ڇا ڪڏهن پنجابين کي غدار قرار ڏنو ويو؟ جنهن تي اجتماعن جي شرڪاء هڪ زبان ٿي ڪري جواب ڏنو ته بلڪل به نه. جناب الطاف حسين محب وطن ۽ مظلوم پنجابين کي مخاطب ڪندي فرمايو ته انهن کي ان تلخ حقيقت کي سمجهندي ميدان ۾ اچي ڪري اهو چوڻ گهرجي ته حڪمران طبقو ۽ ايليٽ ڪلاس ملڪ ۾ نفرت ۽ تعصب ڦيلائڻ ۽ ملڪ کي ٽوڙڻ جو سبب بڻجي رهي آهي. انهن فرمايو ته جيستائين مان زنده آهيان ته مان سڄي ملڪ جي مظلوم عوام جي جائز حقن جي جدوجهد کان هرگز به پوئتي نه هٽندس ۽ حق پرست عوام جو  اهو فيصلو آهي ته اهي ڪنهن جا به غلام بڻجي ڪري نه رهندا ۽ هاڻي انهن کي پنهنجو صوبو ڏنو وڃي . جناب الطاف حسين فرمايو ته سرڪار دوعالم صلي الله عليه وسلم جي حديث مبارڪ آهي ته جڏهن ڪنهن شهر ۾ آبادي ضرورت کان وڌڻ لڳي ته نوان نوان شهر آباد ڪريو. پاڪستان جي آبادي پهرين پنج ڪروڙ هئي ۽ هاڻي 20 ڪروڙن کان به وڌيڪ ٿي چڪي آهي. ان جي ڪري پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ملڪ ۾ انتظامي بنيادن تي 20 نوان صوبا قائم ڪيا وڃن ته جيئن ملڪ جي مظلوم قومن ۾ پائي ويندڙ بي چيني جو خاتمو ٿي سگهي. سڀني کي برابري جي بنياد تي حق ملي سگهن ۽ ملڪ ۾ گڊ گورننس قائم ٿي سگهي. جناب الطاف حسين سکر، نواب شاھ، سانگهڙ ۽ ٽنڊو الهيار جي ڪارڪنن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجين صفن ۾ اتحاد برقرار رکن، تنظيمي نظم و ضبط جي سختي سان پابندي ڪن ۽ حق پرستي جي پيغام جي فروغ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. 
*****

5/17/2024 9:01:04 PM