جناب الطاف حسين جي خلاف برطانيه ۾ مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ ضمانت ختم ٿيڻ جي خوشي ۾ ايم ڪيو ايم بيلجيئم جي تحت شڪراني جا نفل ادا ڪيا ويا.
بيلجيئم: 6 فيبروري 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خلاف برطانيه ۾ مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ ضمانت ختم ٿيڻ جي خوشي ۾ايم ڪيو ايم بيلجيئم جي تحت شڪراني جا نفل ادا ڪيا ويا. ان موقعي تي ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد سميت سمورن حق پرست شهيدن جي بلند درجات، قائد تحريڪ جي والدين جي مغفرت، تحريڪ جي ڪاميابي، قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي ڀاءُ ناصر حسين شهيد ۽ ڀائيٽي عارف حسين شهيد جي مغفرت ۽ جناب الطاف حسين جي صحت و سلامتي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون.
*****