ميونسپل ڪميٽي ٽنڊو الهيار جي وارڊ نمبر 22 جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ
ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوار عبدالمجيد 8 ووٽن جي واڌ سان ٻيهر ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي
ٽنڊو الهيار: 3 فيبروري 2016
ميونسپل ڪميٽي ٽنڊو الهيار جي وارڊ نمبر 22 جي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوار 8 ووٽن جي واڌ سان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. اهڙي طرح ميونسپل ڪميٽي ٽنڊو الهيار ۾ ايم ڪيو ايم جي سيٽن جو تعداد 9 ٿي ويو آهي. تفصيلات جي مطابق ميونسپل ڪميٽي ٽنڊو الهيار جي وارڊ نمبر 22 جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوار کي 12 ووٽن سان ناڪام قرار ڏنو ويو هو جنهن کي ايم ڪيو ايم چيلنج ڪندي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڪئي هئي ۽ اڄ ٻيهر ڳڻپ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جي اميدوار عبدالمجيد 352 جڏهن ته مسلم ليگ ن جي اميدوار محمد اسلم 344 ووٽ کنيا. ٻيهر ڳڻپ جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جي نامزد اميدوار کي 8 ووٽن جي واڌ سان ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.