قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف مني لانڊرنگ جي بي بنياد الزامن جي خاتمي جي خوشي ۾ ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي زير اهتمام ڪينيڊا جي سمورن شهرن ۾ شڪراني جا نفل ادا ڪيا ويا.
ڪينيڊا: 3 فيبروري 2016
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف مني لانڊرنگ جي الزام جي خاتمي جي خوشي ۾ ايم ڪيو ايم ڪينيڊا جي سمورن شهرن ۾ نفل ادا ڪيا ويا ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت و سلامتي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون. ان سلسلي جو سڀني کان وڏو اجتماع ٽورنٽو ۾ ٿيو جنهن کي خطاب ڪندي آصف قاضي چيو ته اها حق جي فتح آهي ۽ باطل قوتن کي عبرتناڪ شڪست ٿي آهي ۽ اڄ ثابت ٿي ويو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هميشه ظالم قوتن کي عبرتناڪ شڪست ڏني آهي . انهن وڌيڪ چيو ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جناب الطاف حسين جي ضمانت منسوخ ٿيڻ جي خبر ايم ڪيو ايم جي مخالفن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن.
*****