اورنگي ٽائون ۾ بس جي هيٺان ڇيڀاٽجي ڪري معصوم ٻارڙي ۽ هڪ عورت جي فوت ٿيڻ جي واقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 3 فيبروري 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي اورنگي ٽائون ۾ مسافر بس جي هيٺان ڇيڀاٽجي ڪري فوت ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ٽريفڪ قانون جي خلاف ورزي ۽ تيز رفتاري جي ڪري قيمتي انساني جانين جو ضايع ٿيڻ وڏي افسوسناڪ ڳالھھ آهي ۽ ضرورت ان ڳالھھ جي آهي ته ٽريفڪ قانونن تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي فوت ٿيندڙ معصوم ٻارڙي ۽ عورت جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
ان کان علاوه ان واقعي جي اطلاع ملندي ئي اورنگي ٽائون جو حق پرست چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ انهن واقعي جي مڪمل ڄاڻ به حاصل ڪئي.
*****