Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ پي آئي اي جي ملازمن تي پوليس ۽ رينجر جي وحشياڻي فائرنگ ۽ تشدد قابل مذمت آهي. نديم نصرت.


ڪراچي ۾ پي آئي اي جي ملازمن تي پوليس ۽ رينجر جي وحشياڻي فائرنگ ۽ تشدد قابل مذمت آهي. نديم نصرت.
 Posted on: 2/2/2016 1
ڪراچي ۾ پي آئي اي جي ملازمن تي پوليس ۽ رينجر جي وحشياڻي فائرنگ ۽ تشدد قابل مذمت آهي. نديم نصرت.
لنڊن:2 فيبروري 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر نديم نصرت ڪراچي ۾ پنهنجن مطالبن جي لاءِ احتجاج ڪرڻ واري پي آئي اي جي پر امن ملازمن تي پوليس ۽ رينجر جي وحشياڻي فائرنگ ۽ تشدد ڪرڻ  جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ فائرنگ جي واقعي ۾ ٻن ملامن جي شهادت ۽ ڪيترن ئي ملازمن جي زخمي ٿيڻ تي دلي افسوس جو اظهار  ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته پي آئي اي جي ممڪنه نجڪاري جي خلاف پي آئي اي جا ملازم ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ اڄ به پي آئي اي جي ملازمن پوري ملڪ ۾ احتجاج ڪيو. پنجاب ۾ احتجاج ڪيو ويو پر اتي نه ته رينجر گهرائي وئي ۽ نه ئي انهن جي احتجاج کي دٻائڻ جي لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو ويو  پر جڏهن ته ڪراچي ۾ ملازمن جي احتجاج کي دٻائڻ جي لاءِ جهڙي طرح پوليس ۽ رينجر جو بيجا استعمال ڪيو ويو. جهڙي طرح انهن تي گوليون وسايون ويون ۽ تشدد ڪيو ويو ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻه ملازم هلاڪ ۽ ڪيترائي زخمي به ٿي پيا. نديم نصرت سوال ڪيو ته ڇا ڪراچي ۾ ڪوئي مقبوضه علائقو آهي. جتي شهرين کي پنهنجن مطالبن جي حق ۾ پرامن احتجاج ڪرڻ جو به حق نه آهي. آخر ڪراچي ۾ پي آئي اي جي ملازمن سان اهو جانبداراڻه ۽ ظالمانه سلوڪ ڇو ڪيو پيو وڃي. نديم نصرت چيو ته پي آئي اي جا ملازم ڪنهن به قسم جي دهشت گردي نه ڪري رهيا هئا بلڪه پي آئي اي جي نجڪاري جي خلاف پرامن احتجاج ڪري رهيا هئا. جيڪو انهن جو بنيادي آئيني ، قانوني ۽ جمهوري حق آهي. انهن چيو ته اهڙي طرح طاقت جو بيجا استعمال ڪري انهن کي انهن جي حق کان محروم نه ٿو ڪري سگهجي. نديم نصرت مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ پي آئي اي جي ملازمن تي فائرنگ ۽ وحشياڻي تشدد جي تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ ان ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. نديم نصرت پوليس ۽ رينجر جي فائرنگ ۽ تشدد جو نشانو بڻجڻ وارن ملازمن سان  دلي همدردي جو اظهار به ڪيو. 
*****

7/18/2024 1:27:08 AM