Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مان برطانيه جي نظامِ انصاف تي يقين رکان ٿو ۽ ان جو احترام ڪريان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


مان برطانيه جي نظامِ انصاف تي يقين رکان ٿو ۽ ان جو احترام ڪريان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 2/2/2016 1
مان برطانيه جي نظامِ انصاف تي يقين رکان ٿو ۽ ان جو احترام ڪريان ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
الطاف حسين جي گهر مان جيڪڏهن ٻه اڍائي لک پائونڊ نڪري اچن ته اينڪر پرسن ان کي مني لانڊرنگ قرار ڏين ٿا پر ڪوبه اهو سوال نه ٿو ڪري ته نواز شريف ۽ آصف زرداري وٽ اربين روپين جي ملڪيت ڪٿان آئي.
ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ۽ سپورٽر مڪمل طور تي صبر کان ڪم وٺن ۽ پنهنجين صفن ۾ اتحاد برقرار رکن.
انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ ڪارڪنن ۽ همدردن کي خطاب.
لنڊن: 2 فيبروري 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته برطانيه جي نظامِ انصاف تي مان يقين رکان ٿو ۽ چاهيان ٿو ته پاڪستان ۾ به انصاف جو اهڙو ئي نظام قائم ٿئي. جتي هر ڪنهن سان برابر جو سلوڪ ڪيو وڃي. ڪنهن سان به انتقامي ڪاروائي نه ڪئي وڃي ۽ هر هڪ سان انصاف ڪيو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن ميٽروپوليٽن پوليس جي طرفان ضمانت جي پابندي ختم ٿيڻ ۽ گهربل 
شاهديون نه هجڻ جي بنياد تي مني لانڊرنگ جي الزام ۾ فرد  جرم عائد نه ڪرڻ جي اعلان جي خوشي ۾ نائن زيرو سان گڏو گڏ حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ گڏ ٿيندڙ ڪارڪنن ۽ همدردن کي خطاب ڪندي فرمائي. جيڪي جناب الطاف حسين کي مبارڪباد ڏيڻ جي لاءِ گڏ ٿيا هئا. جناب الطاف حسين ميٽرو پوليٽن پوليس جي فيصلي تي سمورن ڪارڪنن ۽ عوام کي مبارڪباد به پيش ڪئي ۽ انهن جي لاءِ پنهنجين پنهنجين عبادتگاهن ۾ خصوصي دعائون ڪرڻ تي انهن جو شڪريو به ادا ڪيو. انهن ان ڪيس جي حوالي سان پوليس جي فيصلي تي ڪجھھ ٽي وي اينڪر پرسنن ۽ سياسي تجزيه نگارن جي تبصرن جو ذڪر ڪندي فرمايو ته بدقسمتي سان پاڪستان جي ڪيترن ئي اينڪرپرسنن ۽ سياسي تجزيه نگارن جو تعلق برگر ڪلاس يا مراعات يافته طبقي سان آهي. جيڪي ڪروڙن جي گاڏين ۾ گهمن ٿا. وڏن وڏن گهرن جا مالڪ هجن ٿا. انهن جي ذهنيت به وڏيرن ۽ جاگيردارن وانگر وڏيراڻه هوندي آهي ۽ اهي به وڏيرن ۽ جاگيردارن وانگر عوام سان بلڪل لاتعلق ۽ انهن جي مسئلن کان لاعلم هجن ٿا. الطاف حسين جي گهر کان جيڪڏهن ٻه اڍائي لک پائونڊ نڪري اچن ته اهي ان کي مني لانڊرنگ قرار ڏين ٿا. پر اهي اهو سوال نه ٿا اٿارين ته نواز شريف ۽ آصف زرداري وٽ سينٽرل لنڊن ۽ ٻين مهانگن ترين علائقن ۾ عاليشان بنگلا ۽ محلن جهڙا فليٽ ۽ ٻين ملڪن ۾  اربين روپين جي جائيداد ڪٿان آئي؟ اسان جا تجزيي نگار نواز شريف ۽ زرداري جي باري ۾ ته اهو چئي ڇڏين ٿا ته اهي بزنس مين آهن. پر انهن کان  اهو سوال نه ٿو ڪيو وڃي ته انهن جو بزنس ڪهڙي شي جو آهي؟ اهي عمران خان کان سوال نه ٿا ڪن ته جيڪي شوڪت خانم اسپتال جي لاءِ  برطانيه ۽ ٻين اولھھ وارن ملڪن ۾ لکين پائونڊ گڏ ڪن ٿا ۽ ان کي فلاحي ڪم چئي ڪري تعريف ڪئي وڃي ٿي. پر جڏهن اهڙن ئي فلاحي ڪمن جي لاءِ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ الطاف حسين چندو گڏ ڪري ته ان تي چوري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام لڳايو وڃي ٿو. جيڪي اينڪر پرسن مون تي مني لانڊرنگ جو الزام لڳائين ٿا جيڪڏهن انهن وٽ ثبوت آهن ته اهي عدالت ۾ پيش ڪن. جناب الطاف حسين فرمايو ته هر علائقي جي ماڻهن جون پنهنجيون پنهنجيون عادتون، رسمون ۽ رواج هوندا آهن. جيڪي هڪ ٻئي کان مختلف هوندا آهن.ننڍي کنڊ جي ماڻهن جون گهريلو رسمون  ۽ رواج ۽ طور طريقا برطانيه يا اولھھ وارن ملڪن جي ماڻهن کان مختلف هوندا آهن. پاڪ و هند جي ماڻهن جي سماجي نظام ۾ هر خاندان جو سربراھ، ڏاڏو، ڏاڏي، نانو، ناني يا ڪنهن به بزرگ جي اها عادت هوندي آهي ته اهو ٿورا ٿورا پيسا بچائي ڪري رکندو آهي. جڏهن به فيملي ڪنهن مالي پريشاني جو شڪار ٿئي ٿي ته اهو خاندان جو سربراھ  انهن پيسن کي ڪڍي ڪري انهن جو استعمال ڪري ٿو. اهڙي طرح مون کي به جڏهن پنهنجي خرچ جي لاءِ پيسا ملندا هئا ته مان به هڪ بزرگ جي حيثيت سان ٿورا ٿورا پيسا بچائي ڪري رکندو هيس ۽ ضرورت جي وقت تحريڪ جي ذميوارن کي تحريڪي ڪمن جي لاءِ ڏيندو هيس يا ساٿين جي پريشاني جي وقت انهن جي مدد ڪندو هيس. منهنجي اها عادت به پنهنجن بزرگن وانگر آهي پر جڏهن ته برطانيه جي سماجي نظام ۾ ائين نه ٿو ٿئي.  انهي جي ڪري منهنجو گهر ۾ پيسا گڏ ڪري رکڻ ۽ منهنجي گهر کان گڏ ٿيل پيسن جو نڪرڻ به برطانيه جي پوليس جي لاءِ حيران ڪندڙ ڳالھھ هئي. انهن فرمايو ته برطانيه جي قانون ۾ ڪٿي به اها ڳالھھ موجود نه آهي ته برطانيه جو ڪوئي به شهري گهر ۾ وڌ کان وڌ ڪيتري رقم رکي سگهي ٿو. ان لحاظ کان گهر کان نڪرڻ وارن پيسن کي مني لانڊرنگ قرار ڏيڻ ڪنهن به طرح درست ۽ جائز نه آهي. انهن فرمايو ته مان برطانيه جو قانون بڻائڻ وارن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جو هنن هتي انصاف جو اهڙو نظام جوڙيو آهي ته جنهن ۾ ڪوئي به قانون کان مٿانهون نه آهي ۽ سڀني سان هڪ جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. مان چاهيان ٿو ته پاڪستان ۾ به انصاف جو اهڙو ئي نظام قائم ٿئي جتي هر ڪنهن سان برابر جو سلوڪ ڪيو وڃي ۽ ڪنهن سان به انتقامي ڪاروائي نه ڪئي وڃي ۽ هر هڪ سان انصاف ڪيو وڃي. انهن ميٽرو پوليٽن پوليس جي طرفان انهن سان  ڪيل سلوڪ کي نهايت باوقار قرار ڏيندي ان جي تعريف ڪئي ۽ ان تي انهن جو شڪريو به ادا ڪيو. انهن فرمايو ته مون کي ان تي اطمينان آهي ته ميٽروپوليٽن پوليس مني لانڊرنگ جي الزام ۾ منهنجي ۽ منهنجي پارٽي جي سينيئر ميمبرن محمد انور ۽ طارق مير جي ضمانت منسوخ ڪري ڇڏي آهي. ڇو ته ان الزام ۾ فرد جرم عائد ڪرڻ جي لاءِ انهن وٽ گهربل شاهديون موجود نه آهن. انهن هڪ ڀيرو ٻيهر واضع لفظن ۾ مني لانڊرنگ ۾ ڪنهن به طور تي ملوث هجڻ جي ترديد ڪئي. انهن گذريل ٻن سالن کان جاري ان الزام جي تفتيش جي دوران پارٽي ۽ ان سان ڀرپور يڪجهتي ۽ حمايت ڪرڻ تي ڪارڪنن ۽ عوام جو شڪريو به ادا ڪيو. انهن پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ موجود ايم ڪيو ايم جي لکين ڪارڪنن ۽ سپورٽرن کي چيو ته اهي مڪمل طور تي صبر کان ڪم وٺن. پنهنجين صفن ۾ اتحاد برقرار رکن. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن سميت سمورن پاڪستانين کي پنهنجو سلام پيش ڪيو ۽ انهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر يقين ڏياريو ته اهي قوم کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندا. انهن آزمائش جي ان وقت ۾ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ ذميواري سان پنهنجا فرض انجام ڏيڻ تي رابطا ڪميٽي جي ڪنوينر  نديم نصرت، رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينرن، سپريم ڪائونسل ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن، سي اي سي ۽ سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي شاباش ۽ خراج تحسين به پيش ڪيو. انهن پنهنجي ڪيس جي پيروي ڪرڻ وارن لائرز فورم جي بيرسٽرن، انهن جي قانوني معاونت ڪرڻ وارن بيرسٽر فروغ نسيم، بيرسٽر محمد علي سيف ۽ محمد عادل کي به شاباش پيش ڪئي. انهن ايم ڪيو ايم ويب ٽي وي ، سوشل ميڊيا، نيوز اينڊ ميڊيا ٽيم، وڊيو ۽ سمورن شعبن جي ميمبرن کي به انهن جي ڪم تي شاباش پيش ڪئي. 
*****


7/18/2024 1:21:50 AM