Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ضمانت جي منسوخي ۽ شرطن جي خاتمي جي اطلاع ملندي ئي ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ جشن.


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ضمانت جي منسوخي ۽ شرطن جي خاتمي جي اطلاع ملندي ئي ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ جشن.
 Posted on: 2/1/2016 1
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ضمانت جي منسوخي ۽ شرطن جي خاتمي جي اطلاع ملندي ئي ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ جشن.
سمورا ڪارڪن به الله تعالٰي  جو شڪريو ادا ڪن ۽ يقين رکن ته اسان حق ۽ سچ تي آهيون.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: پهرين فيبروري 2016 
                  مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ جاري تفتيش جي سلسلي ۾ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي سينيئر ميمبرن جي ضمانت جي منسوخي ۽ پوليس جي طرفان عائد ڪيل شرطن جي خاتمي جي اطلاع جيئن ئي لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ ملي ته  سيڪريٽريٽ ۾ موجود سمورن رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ڪارڪنن ۾ خوشي ڇائنجي وئي ۽ سمورن نعره الطاف .....جيئي الطاف جا زوردار نعرا هنيا ۽ هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي ڪري مبارڪباد به پيش ڪئي. جناب الطاف حسين به انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ فون ڪيو ته سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن هڪ ڀيرو ٻيهر جيئي الطاف جا زوردار نعرا هنيا ۽ سڀني جناب الطاف حسين کي مبارڪباد به پيش ڪئي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ڪارڪنن جي اکين ۾ خوشي ۾ ڳوڙها اچي ويا.  جناب الطاف حسين به سڀني کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ سڀني جي لاءِ دعائون به ڪيون. ان کان پوءِ جناب الطاف حسين نائن زيرو تي به فون ڪيو ۽ اتي به موجود رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ 

شعبن جي ميمبرن کي ان خبر کان آگاھ ڪيو. اتي به اها خبر ٻڌندي ئي رابطا ڪميٽي ۽ سمورا ڪارڪن خوشي ۾ بي اختيار ٿي ويا ۽ جيئي الطاف جا نعرا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. سمورن ساٿين به جناب الطاف حسين کي ان ڳالھھ جي مبارڪباد پيش ڪئي. جناب الطاف حسين ان موقعي تي ڳالھھ ٻولھھ ڪندي قرآن پاڪ جي سوره والعصر ۽ سوره ڪوثر جي تلاوت به ڪئي ۽ فرمايو ته مان ڪالھھ به الله تعالٰي جي رضا تي راضي هيس ۽ اڄ به ان جي اڳيان ئي جهڪان ٿو. انهن سمورن ساٿين کي به چيو ته اوهان به الله تعالٰي جو شڪريو ادا ڪريو ۽ اهو يقين رکو ته اسان حق تي آهيون. 
*****

7/18/2024 1:19:46 AM