Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاپوش نگر غوثيه ايليمنٽري اسڪول کي پابندي وڌل تنظيم جي طرفان ڌمڪين وارو خط ملڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار


 Posted on: 2/1/2016 1
پاپوش نگر غوثيه ايليمنٽري اسڪول کي پابندي وڌل تنظيم جي طرفان ڌمڪين وارو خط ملڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار
ڪراچي: پهرين فيبروري 2016 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي 5 اي پاپوش نگر ۾ قائم غوثيه ايليمنٽري اسڪول جي انتظاميه کي پابندي وڌل تنظيم جي طرفان ڌمڪي وارو خط ملڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان کي دهشت گردن جي بزدلاڻه ڪاروائي قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ طرف ته پنجاب جي گهڻڻ ئي علائقن ۾ تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آهن ۽ والدين پنهنجن ٻارن جي تحفظ جي لاءِ سخت پريشان آهن ۽ ٻئي طرف ڪراچي ۾ پابندي وڌل تنظيم جي طرفان اسڪول جي انتظاميه کي ڌمڪين وارو خط ملڻ  شاگردن، انهن جي والدين ۽ استادن جي لاءِ وڏي پريشاني جو ڪارڻ آهي. رابطا ڪميٽي وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ صوبائي وزير داخلا سهيل انور سيال کان مطالبو ڪيو ته اهي  ايليمينٽري اسڪول کي پابندي وڌل تنظيم جي طرفان ملندڙ ڌمڪي واري خط جو سنجيدگي سان نوٽس وٺن ۽ ڌمڪي ڏيندڙن کي فوري طور تي گرفتار ڪرائين. ان کان علاوه واقعي جي اطلاع ملندي ئي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي هدايت تي قومي اسيمبلي جو ميمبر ريحان هاشمي ۽ ٻيا اسڪول پهتا. جتي انهن انتظاميه سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي واقعي جي تفصيل معلوم ڪئي ۽ پنهنجي طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري به ڪرائي.

7/18/2024 1:23:07 AM