Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين اڪيلي سر ئي مظلومن ۽ محرومن جو مقدمو وڙهي رهيا آهن. متين يوسف


 Posted on: 2/1/2016 1
جناب الطاف حسين اڪيلي سر ئي مظلومن ۽ محرومن جو مقدمو وڙهي رهيا آهن. متين يوسف
جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب
واشنگٽن ڊي سي: پهرين فيبروري 2016 
ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزر متين يوسف چيو آهي ته اسان خوش قسمت قوم آهيون جو اسان کي الله تعالٰي هڪ دور انديش قائد ڏنو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سينيئر جوائنٽ آرگنائيزر عارف صديقي ۽ ٻيا به موجود هئا. انهن چيو ته جناب الطاف حسين مظلوم مهاجر قوم کي هڪ بهادر قوم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڄ به جناب الطاف حسين اڪيلي سر ئي پوري مظلوم قوم جو مقدمو وڙهي رهيا آهن. انهن چيو ته اسان کي هر سطح تي پنهنجو اعتماد ۽ اتحاد برقرار رکڻو آهي ته جيئن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ حقن جي جدوجهد کي جاري رکي سگهجي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي نه صرف پاڪستان جي آئين ۽ قانون جي خلاف آهي بلڪه اقوام متحده جي چارٽر جي خلاف به آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم آمريڪا ان پابندي جي خلاف نيويارڪ، شڪاگو، واشنگٽن ۽ لاس اينجلس ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۽ قائونسل خانن جي ٻاهران احتجاجي مظاهرا ڪندي. انهن وڌيڪ چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر، صحت و تندرستي ۽ مشڪلاتن جي خاتمي جي لاءِ آمريڪا جي 14 چيپٽرن جي تحت دعائيه اجتماع به منعقد ڪيا ويندا.


7/18/2024 1:33:48 AM