قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر، صحت و تندرستي جي لاءِ لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ليبر ڊويزن جي تحت دعائيه اجتماع جو انعقاد
ڪراچي: پهرين فيبروري 2016
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر ۽ صحت سلامتي جي لاءِ ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن جي تحت لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ دعائيه اجتماع منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڪهف الورٰي، رابطا ڪميٽي ميمبرن عبدالحسيب، اقبال مقدم، عارف خان، محمد حسين، مطيع الرحمٰن، زاهد منصوري، محترمه زرين مجيد، ارشد حسن ۽ ٻين کان علاوه ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مولانا تنوير الحق ٿانوي دعا ڪرائي جنهن ۾ انهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر، صحت و سلامتي ، ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشن جي خاتمي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون ويون.