اورنگي ٽائون گلشن ضياء ۾ زيادتي کان پوءِ معصوم پاڪيزه جي 5 ڏينهن کان پوءِ پاڻي جي ٽينڪ مان لاش ملڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: پهرين فيبروري 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي اورنگي ٽائون گلشن ضياء ۾ معصوم پاڪيزه جي 5 ڏينهن کان پوءِ پاڻي جي ٽينڪ مان لاش ملڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پاڪيزه سان ٿيندڙ دل ڏکوئيندڙ واقعي هر ماڻهو کي غمگين ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان واقعي ۾ ملوث ماڻهو سخت ترين سزا جي لائق آهن. رابطا ڪميٽي معصوم پاڪيزه جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پوئنرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه مرحومه جي جنازي نماز ۾ ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن محبوب عالم ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.