پاڪستان جو آئين سمورن شهرين کي اظهار رائي جي آزادي جو حق ۽ هر شهري کي سياسي سرگرمين جي اجازت ڏيئي ٿو. طاهر کوکر.
ايم ڪيو ايم جي تحت ڪشمير ۾ دربار سهيلي سرڪار آزاد ۾ احتجاجي مظاهري کي خطاب.
مظفر آباد: 28 جنوري 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين تي آزادي اظهار رائي جي آزادي تي پابندي جي خلاف ايم ڪيو ايم جي تحت ڪشمير ۾ دربار سهيلي سرڪار آزاد جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن ۾ هزارين ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ حق پرست پارليماني ليڊر طاهر کوکر خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جو آئين سمورين شهرين کي اظهار رائي جي آزادي جو حق ڏيئي ٿو ۽ هر شهري کي سياسي سرگرمين جي اجازت ڏيئي ٿو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي ٽئين وڏي سياسي جماعت آهي جنهن کي لکين ماڻهو ووٽ ڏين ٿا ۽ جناب الطاف حسين کي پنهنجي لاءِ ظالمن کان نجات ڏياريندڙ سمجهن ٿا. انهن چيو ته ڪروڙين ماڻهو جناب الطاف حسين کي ٻڌڻ چاهين ٿا ان جي ڪري جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تان پابندي فوري طور تي هٽائي وڃي. ان موقعي تي ٻين به خطاب ڪيو.
*****