پريس فوٽو گرافر، ڪيميره مين ۽ رپورٽر هڪ وڏو معصوم طبقو آهي جن کي انهن جي محنت جي حساب سان پگهار نه ٿي ملي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 28 جنوري 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پريس فوٽو گرافرن، ڪيميره مينن ۽ رپورٽرن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو آهي ته اهو هڪ وڏو معصوم طبقو آهي، جيڪو خطرن جي باوجود پنهنجيون جانيون ٿري تي رکي ڪري ڪم ڪري ٿو، پر انهن کي پگهارون انهن جي محنت جي حساب سان نه ٿيون ملن. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران پنهنجي تقرير ۽ تصوير تي پابندي جي خلاف ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن جي تحت ٿيندڙ احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي فرمايو . ان موقعي تي جناب الطاف حسين صحافين کي يقين ڏياريو ته ويج بورڊ ايوارڊ جو مقدمو اسان قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪافي اڳڀرائي به ٿي آهي. پر ڪيترن هنڌن تي مالڪ ملازمن کي حق ڏيڻ ۾ ڪوتاهي ڪن ٿا. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جڏهن به حڪومت ۾ آئي ته ميرٽ جي بنياد تي سمورن قومن ۽ مسلڪن سان برابري جو سلوڪ ڪندي ۽ انهن کي انهن جا حق ڏياريندي.
*****