جناب الطاف حسين جي ميڊيا ڪوريج تي پابندي جهڙا غير آئيني ۽ غير جمهوري قدم مذمت جوڳا آهن. ايم ڪيو ايم شعبه خواتين.
ڪراچي: 27 جنوري 2016
ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي انچارج ڪشور زهرٰي ۽ ٻين پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي سراسر غير آئيني آهي جنهن جي اسان ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته جناب الطاف حسين لکين دلين جي ڌڙڪن آهي ۽ سڄي ملڪ جون امڙيون ۽ ڀينرون جناب الطاف حسين کي پنهنجو قائد سمجهن ٿيون. انهن چيو ته جڏهن به ملڪ ۾ طالبان يا داعش ڪند کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سڀني کان پهرين قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ئي انهن جي باري ۾ پوري ملڪ کي آگاھ ڪيو آهي. انهن چيو ته اسلام آباد ۾ مولانا عبدالعزيز کلي عام رياست سان وڙهڻ جي ڳالھھ ڪن ٿا ۽ داعش کي پاڪستان ۾ اچڻ جي دعوت ڏين ٿا پر انهن جي خلاف ته ڪابه ڪاروائي نه ٿي ڪئي وڃي. انهن چيو ته جيڪڏهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقرير ۽ تصوير تان پابندي نه هٽائي وئي ته سڄي ملڪ جون امڙيون ۽ ڀينرون سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪنديون.
*****