قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن سميت هر قسم جي غير آئيني پابندين کي بلڪل رڌ ڪريون ٿا ۽ اسان احتجاجي مظاهرن جو اعلان به ڪريون ٿا. ايم ڪيو ايم آمريڪا.
آمريڪا: 27 جنوري 2016
ايم ڪيو ايم آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزر متين يوسف چيو آهي ته ايم ڪيو ايم آمريڪا قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي کي بلڪل رڌ ڪري ٿي. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم آمريڪا جي تنظيم نو کان پوءِ چيپٽر انچارجن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ٻيا به موجود هئا. انهن چيو ته پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 19 اظهار رائي جي مڪمل آزادي ڏيئي ٿو پر پاڪستان ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطابن ۽ تصويرن تي پابندي کي پنج مهينا گذري چڪا آهن پر قانون ۽ انصاف جي رکوالن کي اهو ڏسڻ ۾ نه اچي رهيو آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. ان کان علاوه انهن اعلان ڪيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي بيانن ۽ تصويرن تي پابندي جي خلاف ايم ڪيو ايم آمريڪا مظاهرن جو آغاز به ڪري رهي آهي جيڪو پابندين جي خاتمي تائين جاري رهندو.
*****