حق پرست سينيٽر ۽ ملڪ جي ممتاز آئيني ۽ قانوني ماهر بيرسٽر فروغ نسيم کي پاڪستان بار ڪائونسل جو وائيس چيئرمين چونڊجڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش
لنڊن: 25 جنوري 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حق پرست سينيٽر ۽ ممتاز آئيني ۽ قانون ماهر بيرسٽر فروغ نسيم کي پاڪستان بار ڪائونسل جو وائس چيئرمين چونڊجڻ تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته بيرسٽر فروغ نسيم جي ڪاميابي هڪ تاريخي سنگ ميل آهي جنهن تي مان پنهنجي ۽ ايم ڪيو ايم جي سمورن ذميوارن ، ڪارڪنن ۽ حق پرست وڪيلن جي طرفان بيرسٽر فروغ نسيم ۽ انهن جي سموري ڪٽنب کي دل جي خلوص سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. جناب الطاف حسين اميد ظاهر ڪئي ته فروغ نسيم پنهنجي منصب کي ملڪ ۽ مظلوم عوام کي سستو ۽ فوري انصاف ڏيارڻ جي لاءِ استعمال ڪندا. جناب الطاف حسين پاڪستان بار ڪائونسل جي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ وارن ٻين عهديدارن کي به دل جي گهرائين سان دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.