باچا خان يونيورسٽي چارسده ۾ دهشت گردن جي حملي ۽ پروفيسر حامد سميت ٻين جي شهادت تي سينيٽر محمد علي سيف جي طرفان مذمت جو اظهار
پشاور: 20 جنوري 2016
متحده قومي موومينٽ ڪي پي ڪي جي صدر بيرسٽر محمد علي سيف چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽي ۾ دهشت گردن جي حملي ۾ پروفيسر حامد سميت ٻين جي شهادت جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته وحشي دهشت گرد علم ۽ انسانيت جا کليل دشمن آهن. انهن چيو ته پاڪستان کان انتها پسندي ۽ دهشت گردي جي خاتمي جي لاءِ قومي ايڪشن پلان تي ان جي روح جي مطابق عمل ڪيو وڃي. ان کان علاوه ايم ڪيو ايم ڪي پي ڪي جي تنظيمي ڪميٽي شهيد ٿيندڙن جي پونئرن سان ملاقات ڪئي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار به ڪيو ۽ زخمي ٿيندڙن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.