Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

غير قانوني ۽ غير آئيني هٿڪنڊن مان ثابت ٿي ويو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو رويو جمهوريت کان بدلو وٺڻ وارو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار


غير قانوني ۽ غير آئيني هٿڪنڊن مان ثابت ٿي ويو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو رويو جمهوريت کان بدلو وٺڻ وارو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 1/19/2016
غير قانوني ۽ غير آئيني هٿڪنڊن مان ثابت ٿي ويو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو رويو جمهوريت کان بدلو وٺڻ وارو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
قانون سازي کيڏڻ جي شي نه آهي جو جنهن جي ذريعي هڪ قانون صرف هڪ سال جي اندر ئي ٽي ڀيرا تبديل ڪيو وڃي
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 19 جنوري 2016 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو رويو جمهوريت کان بدلو وٺڻ وارو آهي. انهن مطالبو ڪيو ته مخصوص سيٽن تي جيڪي اليڪشن ٿيڻا آهن انهن جو عمل ڳجهي ووٽنگ جي ذريعي ئي ڪيو وڃي. انهن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ وفاقي حڪومت به ان جو نوٽس وٺي. انهن چيو ته هٿ مٿي کڻي ڪري اليڪشن ان جي ڪري ڪرايا پيا وڃن ته جيئن پيپلز پارٽي جن کي خريد ڪري رهي آهي اها انهن کي ڏسي ته اهي پي پي کي ووٽ ڏيئي رهيا آهن يا نه. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن، نامزد ميئر وسيم اختر ۽ ڊپٽي نامزد ميئر ارشد وهره به موجود هئا. انهن چيو ته اهو پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر وزير اعظم جي اليڪشن کان سواءِ  سمورا اليڪشن ڳجهي ووٽنگ جي ذريعي ئي ڪرائيندا. انهن چيو ته مسلم ليگ ن اسان جو ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو هو، عمران خان ۽ سراج الحق  وعدو ته نه ڪيو هو پر انهن جي طرفان به اهو چيو ويو هو ته اهي غيرجانبدار رهندا. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته وڏو احتجاج ٿئي ۽ پي پي کي انهن حرڪتن کان روڪيو وڃي ۽ ان جي لاءِ سنڌ جا شهري عوام تيار رهن. انهن چيو ته پي پي مخصوص سيٽن تي ڌاندلي جي لاءِ منصوبا بڻائي رهي آهي ۽ ڌاندلي جي منصوبن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڏاڍ، پوليس، انتظاميه  ۽ قانون سازي جهڙي عمل کي استعمال ڪري رهي آهي. انهن چيو  ته 21 سيٽن واري جو وڌيڪ حق آهي يا 4 سيٽن واري جو. انهن چيو ته ان سڄي عمل تي اليڪشن ڪميشن انڌي ۽ گونگي بڻيل آهي جيڪا ڪجھھ به نه ڪري رهي آهي. انهن واضع لفظن ۾ چيو ته اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪو بل پاس ڪيو ويو آهي ان جو اطلاق مخصوص سيٽن تي نه ٿيندو. 15 جنوري کان پهرين جو ڪوئي به نوٽيفيڪيشن نه آهي ۽ جيڪڏهن ان جو اطلاق ٿئي به ٿو ته اهو مخصوص سيٽن تي نه ٿو ٿئي. ان ۾ واضع طور تي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جو عهدو لکيل آهي ۽ اها اليڪشن جي قانون جي کلي نفي آهي. انهن چيو ته مخصوص سيٽن جي لاءِ رول 55  کي تبديل ڪرڻو هوندو آهي. پر رول 18 کي نه . انهن چيو ته پي پي جي دور  ۾ هڪ ئي مقصد جي لاءِ ٽي بل  پيش ڪيا ويا. جيڪو آئين ۽ قانون سان سنگين مذاق آهي. انهن چيو ته  اڄ اپوزيشن جي رائي کي بلڪل نظر انداز ڪري قانون سازي جي رولز جي نفي ڪئي وئي آهي ۽ اسان سمجهون ٿا ته اهو غير قانوني، غير آئيني ۽ غير جمهوري عمل آهي. اسان پي پي جي ان عمل جي سخت مذمت ڪريون ٿا ۽ اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها ان جلد بازي ۾ پاس ڪرايل بل جو نوٽس وٺي. انهن چيو ته ان معاملي تي اسان عدالت ۾ به وينداسين. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت اهو جواز پيش ڪري ٿي ته پنجاب ۾ به اهو ئي ٿيو آهي ته پنجاب جي اپوزيشن سٿل آهي پر سنڌ جي اپوزيشن سٿل نه آهي. انهن چيو ته پي ٽي آئي اڄ پي پي جي حمايت ڪئي ۽ اها پي پي جي هٿان وڪامجي وئي آهي. جنهن جي اڌ رقم ادا ڪئي وئي آهي ۽ باقي اڌ رقم هٿ مٿي کڻڻ کان پوءِ ادا ڪئي ويندي. 

5/18/2024 1:29:09 AM