شورڪوٽ ۾ شگر مل جو بوائلر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ ڪجھھ ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار
لنڊن: 19 جنوري 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين شورڪوٽ ۾ شگرمل جو بوائلر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ جي واقعي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين ان واقعي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه جناب الطاف حسين ان واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.