پشاور بم ڌماڪي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار
لنڊن: 19 جنوري 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پشاور جي علائقي ڪارخانو مارڪيٽ جي ويجهو ٿيندڙ بم ڌماڪي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي قيمتي انساني جانين جي زيان تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي لاءِ جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. ان کان علاوه جناب الطاف حسين ڪي پي ڪي جي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها متاثرن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي.