ڊفينس ۾ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ سان هلاڪ ٿيندڙ شهريار نالي نوجوان کي لانڍي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
جنازي نماز ۽ تدفين ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جي شرڪت.
ڪراچي: 18 جنوري 2016
ڊفينس ۾ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ سان هلاڪ ٿيندڙ شهريار نالي نوجوان کي لانڍي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ ايم ڪيو ايم جي سي اي سي ميمبرن، اسيمبلي ميمبرن ۽ مڪاني نمائندن کان علاوه ڪارڪنن به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
*****