ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جي ڊي آئي جي سينٽرل فيروز شاھ سان ملاقات.
ڪراچي: 17 جنوري 2016
قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي پارليماني ليڊر ريحان هاشمي جي سربراهي ۾ اسيمبلي ميمبرن عبدالوسيم، شيخ صلاح الدين، سفيان يوسف، ريحان ظفر، جمال احمد، وسيم قريشي ۽ حاجي انور ڊي آئي جي سينٽرل فيروز شاھ سان انهن جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ايم ڪيو ايم جي وفد ڊي آئي جي فيروز شاھ کي ساده لباس پهريل اهلڪارن جي طرفان ماڻهن کي اغوا ۽ بي ڏوهين کي گرفتار ٿيڻ جي واقعن کان آگاھ ڪيو. ايم ڪيو ايم وفد وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ امن و امان جي صورتحال ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جي ڏوهن ۾ به ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. جنهن جي ڪري عوام ۾ وڏي ڳڻتي پاتي وڃي ٿي. ان موقعي تي ڊي آئي جي فيروز شاھ وفد کي پنهنجي طرفان ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو ته هاڻي جيڪڏهن ڪوئي به ساده لباس پهريل اهلڪار علائقي جي ٿاڻي، ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پي کي اطلاع ڪرڻ کان سواءِ ڪنهن جي به گرفتاري ۾ ملوث پاتو ويو ته ان جي خلاف ايف آئي آر داخل ڪئي ويندي. ان کان علاوه ڊي آئي جي چوڪيداري نظام، کليل ڪچهرين۽ يونين ڪائونسلن جي نمائندن سان ميٽنگون شروع ڪرڻ جي قدمن تي به اتفاق ڪيو. ان موقعي تي ريحان هاشمي ڊي آئي جي طرفان تعاون ڪرڻ کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته مثبت سوچ سان ئي هن شهر جي امن کي بحال ڪري سگهجي ٿو.
*****