قائد تحريڪ جناب الطاف حسين خداداد صلاحيتن جا مالڪ آهن. ايم ڪيو ايم ڏکڻ پنجاب جو صدر فرقان مغل
ملتان: 16 جنوري 2016
متحده قومي موومينٽ ڏکڻ پنجاب جو اجلاس ملتان هائوس ۾ ٿيو. جنهن ۾ ذميوارن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڏکڻ پنجاب جي صدر خطاب ڪندي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين خداداد صلاحيتن جا مالڪ آهن ۽ انهن جي بصيرت ۽ دورانديشي کان ڪوئي به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. انهن چيو ته داعش جي خطري جي باري ۾ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين قوم کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو پر جناب الطاف حسين جي ڳالھين تي ڪنهن به ڪن نه ڌريو ۽ اڄ داعش پوري ملڪ ۾ ڦيلجي چڪي آهي. انهن چيو ته اها ڪيتري شرم جي ڳالھھ آهي ته اسان جا حڪمران ان ڳالھھ کي اڄ به مڃڻ جي لاءِ تيار نه آهن پر جڏهن ته داعش لاهور سميت ٻين علائقن ۾ ڀرتيون ڪري رهي آهي ۽ اسلام آباد ۾ ڌماڪا ڪري رهي آهي. انهن چيو ته حڪمرانن کي ٻڏي مرڻ گهرجي جو اهي داعش جي وجود کان انڪاري آهن. اجلاس ۾ هڪ قرارداد به منظور ڪئي وئي ته پاڪستان جي عظيم ليدر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي لڳايل پابندي فوري طور تي هٽائي وڃي.