قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪيترائي سال اڳ پاڪستان ۾ طالبانائزيشن ۽ داعش جي خطرن کان قوم کي آگاھ ڪري ڇڏيو هو. ڊاڪٽر سليم دانش
ايم ڪيو ايم برطانيه يونٽن جي جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب
لنڊن: 16 جنوري 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ۽ ايم ڪيو ايم برطانيه جي آرگنائيزر ڊاڪٽر سليم دانش چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪيترائي سال اڳ پاڪستان ۾ طالبانائزيشن ۽ داعش جي خطرن کان قوم کي آگاھ ڪري ڇڏيو هو. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم برطانيه ٽوٽنگ ۽ ويمبلي يونٽن ۾ الڳ الڳ جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. انهن چيو ته بدقسمتي سان جناب الطاف حسين جي ڳالهين تي توجه نه ڏني وئي ۽ اڄ طالبان ۽ داعش سڄي ملڪ ۾ ڦيلجي چڪي آهي. انهن چيو ته ان عالمي دهشت گرد تنظيم داعش جا دهشت گرد اعلٰي تعليمي ادارن سميت اهم سرڪاري امارتن ۾ به گهري آيا آهن جتي اهي مذهب جي نالي تي سادڙن ماڻهن جي برين واشنگ ڪري رهيا آهن.انهن چيو ته مذهبي انتها پسندي ۽ دهشت گردي جي عذاب تي قابو پائڻ جي لاءِ ضروري آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ٻڌايل رستي تي هلندي ملڪ کان دهشت گردن ۽ انهن جي سهولت ڪارن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم برطانيه جو جوائنٽ آرگنائيزر ، سيڪريٽري جنرل ۽ ٻيا به موجود هئا.