حڪومت ملڪ ۾ داعش جي موجودگي کان انڪار ڪري ملڪ ۽ قوم کي دهشت گردن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. ايم ڪيو ايم ميرپور خاص، سکر، نواب شاھ ۽ خيرپور جا زونل انچارجَ .
ڪراچي: 15 جنوري 2016
متحده قومي موومينٽ جي ميرپورخاص، سکر، نواب شاھ ۽ خيرپور جي زونل انچارجن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مذهبي انتها پسندي جي خلاف ڪاروائي کان لنوائڻ جي ڪري ئي دهشت گردي جو عذاب پوري ملڪ ۾ ڦيلجي چڪو آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين قوم کي اڳواٺ ئي آگاھ ڪري ڇڏيو هو ته ملڪ ۾ داعش اچي رهي آهي پر پاڻ کي عقلمند سمجهڻ وارن سياسي ۽ مذهبي اڳواڻڻ ۽ حڪومت داعش جي ملڪ ۾ موجودگي کان انڪار ڪري ملڪ ۽ قوم کي انهن دهشت گردن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي ۽ اڄ داعش ۽ ٻيون پابندي مڙهيل جماعتون سڄي ملڪ ۾ پنهنجيون پاڙون قائم ڪري چڪيون آهن . انهن وڌيڪ چيو ته داعش جي وجود کان انڪار ڪرڻ وارن کي اڄ شرم اچڻ گهرجي ڇو ته ان اسلام آباد ۾ اي آر وائي جي آفيس تي حملو ڪري پنهنجي ڀرپور موجودگي جو احساس ڏياري ڇڏيو آهي. انهن اختياري ڌرين کان مطالبو ڪيو ته اهي داعش جي عذاب کي ڪڇلڻ جي لاءِ فوري طور تي ٺوس قدم کڻن.
*****