داعش جي ڪراچي، اسلام آباد ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪاروائين کان پوءِ ان جي موجودگي کان ڪوئي به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. حق پرست سينيٽر ۽ صدر پنجاب ميان عتيق.
لاهور: 15 جنوري 2016
متحده قومي موومينٽ جي سينيٽر ۽ صدر پنجاب ميان عتيق چيو آهي ته داعش جي ڪراچي، اسلام آباد ۽ پاڪستان ۾ ڪاروائين کان پوءِ ان جي موجودگي کان ڪوئي به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين داعش جي پاڪستان ۾ موجودگي جي باري ۾ اڄ کان ڏيڍھ سال اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو. پر ان تي ڪنهن به ڪن نه ڌريو ۽ اڄ داعش پاڪستان ۾ ڪاروائيون ڪري رهي آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ڪارڪن ملڪ ۽ قوم جي حفاظت ۽ داعش کان نڀرڻ جي لاءِ ذهني ۽ جسماني طور تي تيار آهي. انهن چيو ته ضرورت ان ڳالھھ جي آهي ته ملڪ ۾ سياسي مخالفن جو خاتمو ڪرڻ جي بجاءِ داعش ۽ ٻين پابندي مڙهيل جماعتن جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ ملڪ کي ان عذاب کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.
*****