Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم جي وجود کي ختم ڪرڻ جي لاءِ غير آئيني ۽ غير قانوني حرڪتن تي لهي آئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم جي وجود کي  ختم ڪرڻ جي لاءِ غير آئيني ۽ غير قانوني حرڪتن تي لهي آئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 1/11/2016
پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم جي وجود کي  ختم ڪرڻ جي لاءِ غير آئيني ۽ غير قانوني حرڪتن تي لهي آئي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
سمورا ڪارڪن خصوصن رابطا ڪميٽي ماضي وانگر انهن تازه سازشن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ ذهني ۽ جسماني طور تي تيار ٿي وڃن. جناب الطاف حسين
لنڊن: 11 جنوري 2016 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ تازه ترين ۽ اهم بيان ۾ ايم ڪيو ايم جي سمورن ذميوارن، ڪارڪنن ۽ عوام کي مخاطب ڪندي فرمايو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم جي وجود کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر غير آئيني ۽ غير قانوني حرڪتن تي لهي آئي آهي. انهن فرمايو ته جتان به ايم ڪيو ايم مڪاني اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.پي پي هاڻي کان ئي انهن علائقن جي ماڻهن کي وڌيڪ پريشانين جي دٻڻ ۾ ڌڪڻ ۽ انهن جي زندگين کي زهر بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ پي پي جماعت اسلامي سميت سمورين ايم ڪيو ايم دشمن جماعتن ايستائين جو اسٽيبلشمينٽ جي ڪجھھ اهم ماڻهن سان به رابطا مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ پنهنجي سازشي ۽ مڪروھ منصوبي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. انهي سازشي منصوبي جي تحت هڪ طرف ته روزانو شهر جي پاڻي جي لائينن کي نقصان پهچايو پيو وڃي ۽ ٻئي طرف حڪومتي اهلڪارن جي ذريعي ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نواب شاھ ۽ سکر ۾ گٽرن جا ڍڪڻ گم ڪري شهرين جي گاڏين کي نقصان پهچائڻ، ٽريفڪ جام ڪرڻ ۽ انهن کي ذهني ۽ جسماني طور تي تڪليف ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.جڏهن ته ٽئين طرف پي پي جي حڪومت ايم ڪيو ايم جي نامزد ميئر ڪراچي ۽ ٻين اڳواڻڻ تي روزانو نوان نوان الزام ۽ مقدما قائم ڪرڻ ۽ انهن الزامن جي تحت انهن کي جيلن ۾ وجهڻ جي لاءِ عدالتن کي به استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. انهن فرمايو ته ان سازش جي ثبوت جي لاءِ مان 10 جنوري 2016 تي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ جي ان بيان کي پيش ڪريان ٿو جنهن ۾ انهن ايم ڪيو ايم جو نالو وٺڻ کان سواءِ چيو ته“ جڏهن شروع ۾ آپريشن ٿي رهيو هو ته اهو ٺيڪ ٿي رهيو هو پر هاڻي ان جو رخ پي پي ڏانهن موڙي ڪري ان کي مشڪوڪ بڻايو ويو آهي”. جناب الطاف حسين سمورن ڪارڪنن خصوصن رابطا ڪميٽي کي چيو ته اها جرت ۽ همت جو مظاهرو ڪري ۽ جهڙي طرح انهن ماضي ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪئي ويندڙ سازشن کي ناڪام بڻايو آهي. اهڙي طرح انهن تازه سازشن کي به ناڪام بڻائڻ جي لاءِ ذهني ۽ جسماني طور تي تيار ٿي وڃن ۽ پرامن احتجاجي مظاهرن جي ذريعي پي پي حڪومت جي غير آئيني ۽ غير قانوني قدمن کان دنيا کي آگاھ ڪن. 

5/18/2024 4:19:05 AM