Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سڄي دنيا ۾ گهرو ويڙھ ۽ بغاوتون ٿي رهيون آهن ۽ دنيا ٽئين عالمي جنگ ڏانهن وڌي رهي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


سڄي دنيا ۾ گهرو ويڙھ ۽ بغاوتون ٿي رهيون آهن ۽ دنيا ٽئين عالمي جنگ ڏانهن وڌي رهي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 1/11/2016
سڄي دنيا ۾ گهرو ويڙھ ۽ بغاوتون ٿي رهيون آهن ۽ دنيا ٽئين عالمي جنگ ڏانهن وڌي رهي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
ماضي جي سخت تجربن جي روشني ۾ اسان کي عالمي معاملن ۾ به پاڪستان جي مفادن کي اوليت ڏيڻ گهرجي
سرد جنگ جي دوران اسان وڏين طاقتن جي مفادن ۾ افغان جنگ ۾ پاڪستان کي ملوث ڪيو جنهن جو نتيجو پاڪستان اڄ تائين ڀوڳي رهيو آهي
ايم ڪيو ايم جا سينيٽر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر ايوانن جي اندر ۽ ٻاهر پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائين
لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي نون چونڊيل نمائندن جي اجلاس کي خطاب
لنڊن: 11 جنوري 2016 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته سڄي دنيا ۾ گهڙو ويڙھ ۽ بغاوتون ٿي رهيون آهن. دنيا ٽئين عالمي جنگ ڏانهن وڌي رهي آهي. ان جي ڪري ان صورتحال ۾ اسان کي هوش ۽ عقلمندي سان ڪم وٺندي قومي مفاد ۾ فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالھھ انهن لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن جي هڪ وڏي اجلاس کي خطاب ڪندي فرمائي. اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي نامزد ميئر، ڊپٽي ميئر، يوسي چيئرمينن، وائيس چيئرمينن، ڪائونسلرن، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ شعبن جي ميمبرن شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪ فوج ڪنهن به ملڪ جي عزت ۽ فخر هوندي آهي. ان جي عزت ۽ احترام هر ڪنهن تي واجب هوندو آهي. پر ان جي غلط قدمن تي تنقيد به ڪري سگهجي ٿي ۽ اها تنقيد ڪنهن به طرح ملڪ دشمني جي دائري ۾ نه ٿي اچي. پر افسوس جي ڳالھھ اها آهي ته اسان جي ملڪ ۾ تنقيد جي عمل کي ڏوھ سان تعبير ڪيو وڃي ٿو ۽ انهي ڏوھھ ۾  منهنجين تقريرن کي نشر ڪرڻ ۽ شايع ڪرڻ تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي. انهن پاڪ فوج کي مخاطب ڪندي فرمايو ته منهنجين ڳالهين جو غلط مطلب نه ورتو وڃي. منهنجو چوڻ صرف اهو ئي آهي ته اسان جي ماڻهن تي ظلم نه ڪيو وڃي. اسان کي انصاف ڏنو وڃي. اسان کي ملڪ دشمن نه سمجهيو وڃي ۽ اسان سان دشمنن جهڙو سلوڪ نه ڪيو وڃي. مان ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا مخالف نه بلڪه اسان پاڪستان جي خدمت ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ پاڪستان کي ترقي يافته ملڪن جي لائين ۾ شامل ڪرڻ چاهيون ٿا. انهن فرمايو ته ماضي جي سخت تجربن جي روشني ۾ اسان کي عالمي معاملن ۾ به پاڪستان جي مفادن کي اوليت ڏيڻ گهرجي ۽ پاڪستان کي ڪنهن به طاقت يا ملڪ جي مفادن جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي بجاءِ پاڪستان جي مفادن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي.ماضي ۾ به سرد جنگ جي دوران اسان وڏين طاقتن جي مفادن ۾ فيصلا ڪيا. اسان افغان جنگ ۾ پاڪستان کي ملوث ڪيو . جنهن جو نتيجو پاڪستان اڄ تائين ڀوڳي رهيو آهي ۽ اڄ پورو ملڪ دهشت گردي جي ور چڙهيل آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته سڄي دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ لوڪل گورنمينٽ سسٽم مضبوط آهي ۽ مقاني حڪومتن کي تمام تر مالي ۽ انتظامي اختيار حاصل آهن. پر اسان وٽ حڪومت جي طرفان مڪاني گورنمينٽ جي ادارن کان انهن جا رهيل سهيل اختيار به ڇنيا پيا وڃن ۽ مڪاني نمائندن کي بي اثر ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. انهن نون چونڊيل يوسي چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته عوام ايم ڪيو ايم جي نالي تي اعتماد ڪندي اوهان کي ووٽ ڏنا آهن. هاڻي اوهان جو فرض آهي ته عوام جي اعتماد تي پورو لهڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪريو،محدود اختيارن ۽ وسيلن جي باوجود پنهنجن پنهنجن علائقن جي عوام جي مسئلن جي لاءِ پوري ڪوشش ڪريو. اوهان جي علائقي ۾ ڪٿي به برسات ، سيلاب يا ٻئي ڪائي به قدرتي آفت  اچي ته اوهان مرڪز جي هدايت جو انتظار ڪرڻ جي بجاءِ فورن اتي پهچو ۽ مسئلن جي شڪار ماڻهن جي جيڪا به مدد ٿي سگهي ٿي اها ڪريو. اسان کي جيترو به وقت مليو آهي ان ۾ عوام جي وڌ کان وڌ خدمت ڪريو ۽ انهن جي وچ ۾ موجود رهو. انهن ڪراچي جي نامزد ميئر وسيم اختر ۽ ڊپٽي ميئر ارشد وهره کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان تحريڪ کي مايوس نه ڪجو ۽ اوهان تي جيڪو اعتماد ڪيو ويو آهي ان تي پورو لهجو. انهن سمورن چونڊيل نمائندن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اڄ اوهان سڀني جي لاءِ منهنجو اهو ئي پيغام آهي ته “ ڪم ، ڪم، ڪم۽ خدمت، خدمت، خدمت ، بس اوهان رنگ ونسل، زبان، علائقي، جنس، فقه، مسلڪ ۽ مذهب جي فرق ڪرڻ کان سواءِ انساينت جي خدمت ڪريو. انهن ايم ڪيو ايم جي سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي به مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان به ايوانن جي اندر ۽ ٻاهر پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو. اوهان کي انهي جي ڪري چونڊيو ويو آهي ته اوهان پنهنجن علائقن جي عوام جي خدمت ڪريو ۽ انهن کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل جي لاءِ پنهنجين صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيو.انهن رابطا ڪميٽي کي چيو ته جيڪو به سينيٽر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر، چيئرمين يا ڪائونسلر عوام جي خدمت نه ڪري سگهي ۽ پنهنجن فرضن کان غفلت ڪري ته ان کي چتاءُ ڏيو ۽ جيڪڏهن پوءِ به اهو پنهنجي اصلاح نه ڪري ته ان کان فوري طور تي استعيفٰي ورتي وڃي ۽ اتي ٻيهر اليڪشن ڪرايا وڃن. انهن سمورن چونڊيل نمائندن ۽ تنظيمي ذميوارن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي اصلاح ڪن، پنهنجي رويي ۾ نرمي ۽ عاجزي پيدا ڪن، جيڪو ساٿي ڪائي غلطي ڪري ته ان سان وڙهڻ جي بجاءِ ان کي سمجهايو ۽ ان جي اصلاح ڪريو. ان موقعي تي سمورن چونڊيل نمائندن جناب الطاف حسين کي يقين ڏياريو ته اهي انهن کي مايوس نه ڪندا ۽ عوام جي مسئلن جي حل جي لاءِ پنهنجيون سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندا. 

5/18/2024 4:19:19 AM