Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اظفر رضوي شهيد ملڪ ۾ هڪ آزاد ۽ ترقي پسند سماج جي جوڙ جڪ جي لاءِ درس و تدريس ( پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ) جو سهارو ورتو. حق پرست سينيٽر نسرين جليل.


اظفر رضوي شهيد ملڪ ۾ هڪ آزاد ۽ ترقي پسند سماج جي جوڙ جڪ جي لاءِ درس و تدريس ( پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ) جو سهارو ورتو.  حق پرست سينيٽر نسرين جليل.
 Posted on: 1/10/2016
اظفر رضوي شهيد ملڪ ۾ هڪ آزاد ۽ ترقي پسند سماج جي جوڙ جڪ جي لاءِ درس و تدريس ( پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ) جو سهارو ورتو.  حق پرست سينيٽر نسرين جليل.
ڍاڪا گروپ آف ايجوڪيشن انسٽي ٽيوٽ ۾ اظفر رضوي شهيد جي ڪتاب “ ميري عالي جي” جي تقريب رونمائي کي خطاب.
ڪراچي: 10 جنوري 2016 
                    متحده قومي موومينٽ جي سينيٽر محترمه نسرين جليل چيو آهي ته اظفر رضوي شهيد ملڪ ۾ هڪ آزاد ۽ ترقي پسند سماج جي جوڙ جڪ جي لاءِ درس و تدريس( لکڻ ۽ پڙهائڻ ) جو سهارو ورتو. تقريري مقابلا ڪرايا، جن ۾ مدرسن جا شاگرد به شريڪ ٿيندا هئا ته جيئن بحث و مباحثي جي ذريعي ذهن کلي سگهن. انهن خيالن جو اظهار انهن ڍاڪا گروپ آف ايجوڪيشن انسٽي ٽيوٽ ۾ اظفر رضوي شهيد جي ڪتاب“ ميري عالي جي” جي تقريب رونمائي کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جي صدارت ڊاڪٽر قاسم پيرزاده ڪئي.ان موقعي تي ممتاز دانشور  ۽ ايڊيٽر محمود شام، ڊاڪٽر فاطمه حسن، شاعر عارف شفيق ۽ ٻيون معزز شخصيتون به موجود هيون. محترمه نسرين جليل خطاب ڪندي چيو ته اظفر رضوي انهن پاڪستانين مان هئا جن هڪ وڏي محنت ڪري پنهنجو مقام ٺاهيو هو ۽ ٻه ڀيرا هجرت به ڪئي هئي. انهن چيو ته اظفر رضوي شهيد جي سوچ ۽ ايم ڪيو ايم جي سوچ ۾ هڪ جهڙائي هئي. ڇو ته ايم ڪيو ايم به جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه نظام جو خاتمو چاهي ٿي ۽ اظفر رضوي جي زندگي به انهن ئي ظالمن جي خلاف وڙهندي گذري. انهن مرحوم جميل الدين عالي جي حوالي سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مرحوم ٽي سال مون سان گڏ سينيٽ جا ميمبر رهيا ۽ مرحوم کي هميشه ياد هوندو هو ته منهنجي والد پاڪستان جي لاءِ ڪيترو ڪم ڪيو آهي.انهن وڌيڪ چيو ته اڄ جڏهن ته دنيا ٽئين عالمي جنگ جي ڪناري تي بيٺل آهي ته پاڪستان کي اهڙين حالتن ۾ سعودي عرب يا ايران جو ساٿ ڏيڻ جي بجاءِ پاڪستان جي باري ۾ سوچڻ گهرجي ۽ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. 
*****

5/18/2024 3:06:17 AM