Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مخصوص سيٽن ۽ ميئر ۽ ڊپٽي ميئرن جي اليڪشن ۾ دير سان پيپلز پارٽي کي ڌاندلي جو موقعو ڏنو پيو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار.


مخصوص سيٽن ۽ ميئر ۽ ڊپٽي ميئرن جي اليڪشن ۾ دير  سان پيپلز پارٽي کي ڌاندلي جو موقعو ڏنو پيو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 1/10/2016
مخصوص سيٽن ۽ ميئر ۽ ڊپٽي ميئرن جي اليڪشن ۾ دير  سان پيپلز پارٽي کي ڌاندلي جو موقعو ڏنو پيو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
عوامي حڪومتن جي خلاف ٿيندڙ سازشن تي صوبائي اليڪشن ڪميشن جي سامهون وڏو احتجاجي مظاهرو ڪنداسين.
لال قلعه گرائونڊ ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 10 جنوري 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر  ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته مڪاني اليڪشن جي شروعاتي ٽن مرحلن کان پوءِ مخصوص سيٽن ۽ ميئر ۽ ڊپٽي ميئرن جي اليڪشن ۾ دير سان پيپلز پارٽي کي ڌاندلي جو موقعو ڏنو پيو وڃي ۽ عوامي مسئلن جي حل ۾ دير جون سازشون ڪيون پيون وڃن. مڪاني حڪومت صرف ڪاغذن تائين محدود آهي. جيڪڏهن پهرين جنوري کان مڪاني حڪومتن جو ڪم شروع ٿي وڃي ها ته عوام جي مسئلن جو حل ۽ وسيلن جو صحيح استعمال به شروع ٿي چڪو هجي ها. جون ۾ مڪاني حڪومتن جي لاءِ بجيٽ جي تياري به ڪري وٺجي ها. ان قسم جون سازشون آئين جي آرٽيڪل 140 اي جي بلڪل خلاف ورزي آهي، عوامي حڪومتن جي خلاف ٿيندڙ سازشن تي ڪجھھ ڏينهن ۾ صوبائي اليڪشن ڪميشن جي سامهون وڏو احتجاجي مظاهرو ڪنداسين. انهن خيالن جو اظهار انهن لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ رابطا ڪميٽي، اسيمبلي ميمبرن، نامزد ميئر، ڊپٽي ميئرن، چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن سان گڏجي پرهجوم پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم جا عوامي نمائندا قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ به ميئر ، ڊپٽي ميئرن ۽ چيئرمينن جي اليڪشن ۾ دير جي خلاف قراردادون ۽ تحريڪ التوا پيش ڪندا. انهن اليڪشن ڪميشن کي مخاطب ڪندي چيو ته مڪاني اليڪشن جا ٽي مرحلا مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ ايندڙ مرحلو خصوصي سيٽن جو آهي. جن ۾ عورتن، نوجوانن، مزدورن ۽ اقليتن جي سيٽن جي لاءِ اليڪشن ٿيڻا آهن. پر انهن جي لاءِ هن مهل تائين ڪنهن به تاريخ جو اعلان نه ڪيو ويو آهي. ۽ ائين لڳي ٿو ته اليڪشن جي تڪميل جي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۽ صوبائي حڪومت کي ڪائي به پرواھ نه آهي. انهن  چيو ته ڪراچي جي ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ سنڌ جي ميونسپل ڪائونسل ۽ ميونسپل ڪميٽيز جا اليڪشن دير  جو شڪار ٿي رهيا آهن ۽ ان دير جو عمل اسان کي سمجھھ ۾ نه ٿو اچي. انهن چيو ته ان قسم جي ڪوششن سان پي پي کي ڌاندلي جي لاءِ ڪريل هٿڪنڊن جو استعمال ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ جيڪي آزاد اميدوار ايم ڪيو ايم جي حمايت ڪري چڪا آهن انهن کي خوف زده ڪيو پيو وڃي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم وفاقي ۽ صوبائي اليڪشن ڪميشن کي ان سلسلي ۾ پنهنجن تحفظن تي ٻڌل خط به لکيو آهي. جيڪو ميڊيا جي نمائندن کي فراهم ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته اليڪشن کي ڏيڍھ مهينو گذري چڪو آهي ۽ ان دوران جيڪي فنڊ مڪاني وزير استعمال ڪيا آهن اهو عوامي وسيلن تي قبضو ڪرڻ ۽ مڪاني نمائندن کي انهن جي جمهوري حق کان محروم ڪرڻ جي برابر آهي. ڇو ته اهي وسيلا ۽ فنڊ بيوروڪريٽ استعمال ڪري رهيا آهن ۽ مڪاني حڪومتن جي فنڊن مان بغير ڪنهن تصديق جي وڏا وڏا بل ادا ڪري مڪاني وسيلن جو  انڌو استعمال ڪيو پيو وڃي ته 
جيئن ايندڙ مڪاني حڪومت وٽ فنڊن جي ڪمي ٿي وڃي . انهن چيو ته صوبائي وزير بلديات نمائشي صفائي مهم جو اعلان ڪيو آهي جيڪو صوبي جي عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي. جنهن جي اسان مذمت ڪريون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ نامزد ميئر وسيم اختر چيو ته صوبائي حڪومت جي طرفان ڪئي ويندڙ ڌاندلين جي باري ۾ اسان کي ڄاڻ آهي. حلف کڻڻ کان پوءِ آئين ۽ قانون جي روشني ۾ سمورن معاملن جي تحقيقات ڪنداسين. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته جيڪي ٺيڪيدار ٽينڊر وٺي رهيا آهن اهي به معاملن جو جائزو وٺن، ممڪن آهي ته مڪاني نمائندا انهن ٽينڊرن کي قبول ئي نه ڪن. وسيم اختر چيو ته 5 ڊسمبر جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي کان پوءِ مڪاني وزير عوامي نمائندن جي وسيلن ۽ اختيارن جو بيجا استعمال ڪري رهيا آهن، جن تي آئيني ۽ قانوني طريقي سان هاڻي انهن جو حق نه رهيو آهي. انهن چيو ته اليڪشن ڪميشن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجين ذميوارين کان لنوائي رهيون آهن. ان جي ڪري اسان مطالبو ڪريون ٿا ته مخصوص سيٽن جي اليڪشن ۽ ميئر ۽ ڊپٽي ميئرن ۽ ٻين اليڪشنن جي لاءِ شيڊول جو فوري اعلان ڪيو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ڇو ته اليڪشن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٿيا آهن ان جي ڪري اسان سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اليڪشن جي ايندڙ مرحلي ۾ تاخيري حربن جي خلاف سوموٽو ايڪشن وٺي. 
*****


5/18/2024 5:36:09 AM