Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت جي صدارت هيٺ رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس.


ايم ڪيو ايم جي قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت جي صدارت هيٺ رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس.
 Posted on: 1/10/2016
ايم ڪيو ايم جي قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت جي صدارت هيٺ رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس.
اجلاس ۾ مختلف تنظيمي، سياسي ۽ عوامي مسئلن جي حوالي سان فيصلا ڪيا ويا.
ان کان علاوه ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر ۽ موثر بڻائڻ تي به زور ڏنو ويو.
اجلاس ۾ سمورن تنظيمي شعبن جي ڪارڪردگي جو به جائزو  ورتو ويو ۽ تنظيمي ڍانچي ۾ بنيادي تبديليون ۽ هر سطح تي تنظيم نو جو فيصلو به ڪيو ويو. 
لنڊن: 10 جنوري 2016 
                 متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جو گڏيل اجلاس قائم مقام ڪنوينر نديم نصرت جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار، ڊپٽي ڪنوينر َ ڪهف الورٰي ۽ شاهد پاشا به موجود هئا. اجلاس ۾ تنظيمي، سياسي ۽ عوامي مسئلن جي متعلق تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ ان حوالي سان ڪيترائي اهم فيصلا به ڪيا ويا. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي طرفان ڪراچي جي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ۽ سڄي سنڌ ۾ ميونسپل ڪارپوريشنن جي ميئرن، ضلعي چيئرمينن ۽ عورتن، اقليتن ۽ نوجوانن جي مخصوص سيٽن جي اليڪشن ۾ غير ضروري دير ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار به ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته اها غير ضروري دير عوامي مسئلن جي حل ۾ دير جو سبب بڻجي رهي آهي. اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر کان مطالبو ڪيو ويو ته ميئرن، ضلعي چيئرمينن، عورتن، اقليتن ۽ نوجوانن جي مخصوص سيٽن جا اليڪشن فوري طور تي ڪرايا وڃن. ان حوالي سان مختلف فيصلا به ڪيا ويا. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي طرفان مڪاني ادارن کي انهن جي اختيارن کان لڳاتار محروم ڪرڻ جي به سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته پي پي جي سنڌ حڪومت پهرين ته مڪاني اليڪشن کان ڀڄڻ پئي چاهي پر جڏهن سپريم ڪورٽ جي حڪم ۽ سخت عوامي دٻاءُ جي ڪري سنڌ حڪومت مڪاني اليڪشن ڪرايا آهن ته هاڻي سنڌ حڪومت ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي مڪاني ادارن کان انهن جا بنيادي اختيار ئي ڇني رهي آهي . مڪاني اليڪشن جي اختيارن جي معاملي کي هر سطح تي اٿارڻ جي سلسلي ۾ مختلف فيصلا به ڪيا ويا. اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ حڪومت هڪ طرف ته مڪاني ادارن جا اختيار پاڻ وٽ رکي رهي آهي ته ٻئي طرف صفائي سٿرائي جهڙن معاملن تي به توجه ڏيڻ جي لاءِ تيار نه آهي. جنهن جي ڪري ڪراچي جا سمورا علائقا گندگي جو ڍير بڻجي چڪا آهن. جڏهن ته ٻين شهرن جي حالت به تمام گهڻي خراب آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پنهنجي مدد پاڻ جي تحت علائقن ۾ صفائي مهم شروع ڪئي ويندي ۽ علائقن کي گند جي ڍيرن کان نجات ڏياري ويندي. اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي به زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ سمورن تنظيمي شعبن جي ڪارڪردگي جو به جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته تنظيم جي هر سطح تي تنظيم نو ڪئي ويندي.
*****

5/18/2024 4:58:34 AM