ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سابق ڊپٽي ڪنوينر ۽ شعبه اطلاعات جي ايڊيٽر انچيف انجنيئر ناصر جمال جي والده جي جنازي نماز مسجد قبا ۾ ادا ڪئي وئي.
ڪراچي: 9 جنوري 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سابق ڊپٽي ڪنوينر ۽ شعبه اطلاعات جي ايڊيٽر انچيف انجنيئر ناصر جمال جي والده محترمه نفيسه خاتون جي جنازي نماز مسجد قبا ۾ ادا ڪئي وئي.جڏهن ته تدفين محمد شاھ قبرستان ۾ ڪئي وئي. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڪهف الورٰي، رابطا ڪميٽي ميمبرن، سي اي سي ميمبرن، اسيمبلي ميمبرن، شعبن جي ميمبرن ۽ ڪارڪنن کان علاوه مرحوم جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
*****