ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو سابق ڊپٽي ڪنوينر ۽ سينيئر ڪارڪن ناصر جمال سان انهن جي والده جي وفات تي تعزيت جو اظهار.
لنڊن: 9 جنوري 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سابق ڊپٽي ڪنوينر ۽ سينيئر ڪارڪن ناصر جمال سان انهن جي والده جي وفات تي دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جناب الطاف حسين ناصر جمال سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته اوهان جي والده جي وفات تي مون کي ۽ تحريڪ جي سمورن اڳواڻڻ، ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي دلي صدمو پهتو آهي ۽ اسان سڀ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ان موقعي تي جناب الطاف حسين قرات سان ناصر جمال جي والده جي بخشش جي لاءِ قرآن پاڪ جي آيتن جي تلاوت به ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحومه جي بخشش فرمائي ۽ انهن جا ننڍا ۽ وڏا گناھ معاف فرمائي. ان موقعي تي ناصر جمال پنهنجي ڏک تي قابو نه رکي سگهيا ۽ روئي ويٺا. انهن فون ڪرڻ تي قائد تحريڪ جو ٿورو به مڃيو.
*****