قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو انتهائي سخت چتاءُ.
غيرجانبدارانه رويو ترڪ نه ڪيو وڃي.
لنڊن: 9 جنوري 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين انهن اطلاعن تي ته دوست ملڪن جا مختلف ميمبر بار بار پاڪستان جو دورو ڪري 34 ملڪي فوجي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جون پيشڪشون ڪري رهيا آهن. ان جي عيوض اهي مراعاتون ڏيڻ جو به اظهار ڪري رهيا آهن. جناب الطاف حسين سمورن محب وطن جرنلن ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن کي چيو ته ڪنهن به مسلمان ملڪ سان جهيڙي جو تصور به نه ڪيو وڃي. پر ٻين اسلامي ملڪن جي پنهنجن پنهنجن مفادن جي لاءِ وڙهي ويندڙ جنگين ۾ پاڪستان پنهنجو غير جانبدارانه رويو برقرار رکي ۽ ڪنهن به 34 يا 35 ملڪي فوجي اتحاد جيڪو اسلام جي نالي تي جوڙيو پيو وڃي، ان جو خدا جي واسطي پاڪستان حصو نه بڻجي.
*****