Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد اعظم محمد علي جناح جو پاڪستان اهڙو هو جو جتي هر علائقي ۾ سمورن قومن جا ماڻهو پاڪستاني بڻجي ڪري رهن. ڊاڪٽر فاروق ستار.


قائد اعظم محمد علي جناح جو پاڪستان اهڙو هو جو جتي هر علائقي ۾ سمورن قومن جا ماڻهو پاڪستاني بڻجي ڪري رهن. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 1/8/2016 1
قائد اعظم محمد علي جناح جو پاڪستان اهڙو هو جو جتي هر علائقي ۾ سمورن قومن جا ماڻهو پاڪستاني بڻجي ڪري رهن. ڊاڪٽر فاروق ستار.
پاڪستان جي معيشت آئي ايم ايف پاڻ وٽ گروي رکي ڇڏي آهي ۽ سڄو پاڪستان قرضن ۾ ٻڏل آهي. آغا مسعود.
نائن زيرو تي شعبه خواتين جي تحت سيمينار کي خطاب.
ڪراچي: 8 جنوري 2016 
                   ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر  ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته قائد اعظم محمد علي جناح جو پاڪستان اهڙو هو جو جتي هر علائقي ۾ سمورين قومن جا ماڻهو پاڪستاني بڻجي ڪري رهن. اڄ پاڪستان ۾ لساني ۽ ديني ورهاست آهي ۽ قائد اعظم تصور ۾ به ڪڏهن نه سوچيو هوندو ته پاڪستان ائين تقسيم ٿي ويندو. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين اڄ چئي ڇڏيو آهي ته اسان کي 11 آگسٽ 1948 وارو پاڪستان گهرجي. انهن خيالن جو اظهار انهن لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي تحت“ عالمي صورتحال ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ صورتحال ۽ اسان جو پاڪستان” جي عنوان سان منعقد ٿيندڙ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ٻيا به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1948 تي پنهنجي تقرير ۾ واضع لفظن ۾ چيو هو ته سڀ پنهنجي پنهنجي مذهب ۽ عقيدي جي مطابق آزاد آهن پر جڏهن اهي ٻاهر اچن ته ملڪ جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ هڪ ٿي وڃن. انهن چيو ته اڄ جڏهن عالمي امن کي خطرو آهي ته اسان کي پاڪستان کي بچائڻو آهي ۽ بڻائڻو به آهي ۽ انهي جي ڪري قائد تحريڪ جناب الطاف حسين اهو سيمينار ڪرايو آهي . انهن چيو ته ايم ڪيو ايم وچ اوڀر ۾ امن جي لاءِ ڪوشان آهي ۽ اها ئي وجه آهي ته ايم ڪيو ايم اتحاد بين المسلمين ۽ اتحاد بين السان  به قائم ڪيو آهي ، 5 ڊسمبر تي اسان پاڪستان جي بقا جي بنياد رکي ڇڏي آهي. انهن چيو ته حڪومت کي 34 ملڪي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ کان پهرين تمام گهڻو سوچڻو پوندو. انهن چيو ته عالمي  خطري کان پاڪستان جي بقا به کي خطرو آهي ۽ اها ڳالھھ جناب الطاف حسين ڪيترن ئي سالن کان چئي رهيا آهن، انهن چيو ته هڪ ٻئي عالمي جنگ ٿيڻ جو خطرو آهي ۽ اها وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ئي ٿيندي.انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين صرف پاڪستان جي لاءِ نه بلڪه پوري وچ اوڀر جي بقا جي ڳالھھ ڪري رهيا آهن. انهن چيو ته اسان پهرين ئي پنهنجي ملڪ ۾ القائده ، طالبان ۽ داعش سان جنگ وڙهي رهيا آهيون. ان جي ڪري اسان کي ٻئي ڪنهن به تڪرار ۾ نه پوڻ گهرجي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد خطاب ڪندي چيو ته سعودي عرب ۾ ايران سان تعلق رکندڙ هڪ عالم سميت 47 ماڻهن کي موت جي سزا ڏني وئي آهي ۽ ان سان ئي صورتحال ڇڪٿاڻ واري ٿي وئي آهي ۽ انهي جي ڪري قائد تحريڪ جناب الطاف حسين عالمن سڳورن جو اجلاس به گهرايو ۽ امن و امان جي حوالي سان ڳالھھ ٻولھھ به ڪئي. ان موقعي تي نالي واري تجزيي نگار آغا مسعود خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي معيشت آئي ايم ايف پاڻ وٽ گروي رکي ڇڏي آهي ۽ سڄو پاڪستان قرضن ۾ ٻڏل آهي. سابقه حڪومت ان ملڪ جي خزاني کي لٽيو ۽ ان وقت جا وزير اعظم به ان لٽ ۾مار شامل هئا. انهن چيو ته سياستدانن جو ڪم صرف پنهنجي مفادن جي لاءِ سياست ڪرڻ نه بلڪه ملڪ جو انتظام سٺي نموني هلائڻ به هوندو آهي ۽ ساڻ ئي عالمي معاملن تي نظر رکڻ به هوندو آهي. انهن چيو ته جيستائين سعودي عرب ۽ ايران جي ڇڪٿاڻ جو معاملو آهي ته ان تي سڀني کان پهرين جناب الطاف حسين آواز اٿاري ۽ جناب الطاف حسين جي هميشه کان  ئي عالمي معاملن تي گهري نظر هوندي آهي. ان موقعي تي نالي واري اسڪالر محترمه شهر بانو، محترمه فهميده رياض، سينيٽر خوش بخت شجاعت ۽ محترمه ڪشور زهرٰي به خطاب به ڪيو. 
*****

5/18/2024 2:05:48 AM