ايم ڪيو ايم نئين سال جي موقعي تي “ نون صوبن جو قيام ...... مضبوط پاڪستان ” جي عنوان سان خوبصورت ڪلينڊر جو اجرا ڪري ڇڏيو.
ڪراچي: 8 جنوري 2016
ايم ڪيو ايم جي تحت نئين سال جي موقعي تي “ نون صوبن جو قيام...... مضبوط پاڪستان ” جي عنوان سان خوبصورت ڪلينڊر جو اجرا ڪيو ويو. ڪلينڊر جو اجرا ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار ، ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي ميمبرن شبير احمد قائم خاني، بابر رضوان، عارف خان، عادل خان، زاهد منصوري، محترمه زرين مجيد ۽ ريحانه نسرين خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ڪيو. هن ڪلينڊر ۾ سال 2016 کي نون صوبن جي جوڙجڪ جي جدوجهد جو سال قرار ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ نهايت خوبصورتي سان پاڪستان جي عوام کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڏانهن ان اميد سان ڏسندي ڏيکاريو ويو آهي ته جناب الطاف حسين ئي انهن کي نوان صوبا وٺي ڏيندا. ڪلينڊر جي وچ ۾ سال 2016 جو ڪلينڊر به ڏيکاريو ويو آهي.
*****