Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي چيئرمين جاويد قريشي ۽ سينيئر وائيس چيئرمين آئي اي عثماني جي وفد سان گڏجي ڊاڪٽر فاروق ستار سان ملاقات.


پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي چيئرمين جاويد قريشي ۽ سينيئر وائيس چيئرمين آئي اي عثماني جي وفد سان گڏجي ڊاڪٽر فاروق ستار سان ملاقات.
 Posted on: 1/8/2016 1
پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي چيئرمين جاويد قريشي ۽ سينيئر وائيس چيئرمين آئي اي عثماني جي وفد سان گڏجي ڊاڪٽر فاروق ستار سان ملاقات.
ڪراچي: 8 جنوري 2016 
                   پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي چيئرمين جاويد قريشي ۽ سينيئر وائيس چيئرمين آئي اي عثماني جي سربراهي ۾ پي اي سي جي نمائنده وفد خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار سان  ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ خصوصن سنڌ ۽ ڪراچي جي صورتحال سميت ٻين دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ۾ انجنيئر اياز مرزٰي، انجنيئر جمشيد رضوي، انجنيئر نجم الدين شيخ ۽ ٻيا به شامل هئا. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جو سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، رابطا ڪميٽي ميمبر امين الحق ۽ ڊاڪٽر عبدالقادر خانزاده به موجود هئا.ان موقعي تي پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي چيئرمين جاويد قريشي مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد به پيش ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار وفد کي نائن زيرو تي خوش آمديد ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم غريب ۽ وچولي طبقي جي نمائنده جماعت آهي جنهن جي قائد جناب الطاف حسين عزيز آباد جي 120 گزن جي گهر کان پنهنجي عملي جدوجهد جو آغاز ڪيو هو. انهن چيو ته  غريب ۽ وچولي طبقي جي قيادت ئي پاڪستان ۾ حقيقي انقلاب آڻي سگهي ٿي. ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي واحد جماعت آهي جنهن پڙهيل لکيل نوجوانن کي  ملڪ جي ايوانن ۾ موڪليو جن ۾ انجنيئر ۽ ڊاڪٽرن جي هڪ وڏي تعداد شامل آهي. ان کان اڳ وفد نائن زيرو جو دورو به ڪيو .
*****

5/18/2024 2:05:41 AM