Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جو خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ اجلاس.


ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جو خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ اجلاس.
 Posted on: 1/8/2016 1
ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جو خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ اجلاس.
ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي ڪيترن ئي سالن کان  انسانيت جي خدمت ۾ مصروف آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 8 جنوري 2016 
                  متحده قومي موومينٽ جي ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جو اجلاس نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو. جنهن ۾ ذميوارن، ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل جي اسٽاف وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جي ڪارڪردگي جو جائزو به ورتو ويو. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جا ميمبر شبير احمد قائم خاني، ڪمال ملڪ، محترمه زرين مجيد ۽ محترمه ريحانه نسرين به موجود هيون. ان موقعي تي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبرن شبير احمد قائم خاني ۽ ڪمال ملڪ چيو ته ايم  ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي ڏکايل انسانيت جي خدمت ۾ مصروف آهي ۽ ان آزاد ڪشمير جو زلزلو هجي، بلوچستان ۾ قدرتي آفتون هجن، ايران جي شهر بام ۾ زلزلو هجي ، ٿر ۾ ڏڪر هجي يا ڪٿي به ڪائي آفت اچي ته ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي اتي سڀني کان پهرين پهتي آهي. انهن ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي تي زور ڏنو ته اها عوام جي سهولتن جي لاءِ مفت طبي ڪيمپن جو به انعقاد ڪري ۽ جناب الطاف حسين جي تعليمات جي مطابق ڏکايل انسانيت جي وڌ کان وڌ خدمت ڪري. 

5/18/2024 2:29:54 AM