Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

منهنجو يا قائد تحريڪ جناب الطاف حسين يا ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به ذميوار يا ڪارڪن جو ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي قتل سان ڪوئي به واسطو نه آهي. محمد انور.


منهنجو يا قائد تحريڪ جناب الطاف حسين يا ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به ذميوار يا ڪارڪن جو ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي قتل سان ڪوئي به واسطو نه آهي. محمد انور.
 Posted on: 1/8/2016 1
منهنجو يا قائد تحريڪ جناب الطاف حسين يا ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به ذميوار يا ڪارڪن جو ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي قتل سان ڪوئي به واسطو نه آهي. محمد انور.
لنڊن: 8 جنوري 2016 
                   متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ محمد انور پنهنجي هڪ بيان ۾ واضع لفظن ۾ چيو آهي ته انهن جو يا قائد تحريڪ جناب الطاف حسين يا ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به ذميوار يا ڪارڪن جو ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي قتل سان ڪوئي به واسطو نه آهي. محمد انور چيو ته ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي قتل جي الزام ۾ پاڪستان ۾ گرفتار ڪيل ماڻهن جي حوالي سان گذريل ڏينهن ميڊيا تي جيڪي مبينه اعترافي بيان سامهون آيو آهي ان ۾ انهن کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. انهن واضع لفظن ۾ چيو ته مان ان مبينه اعترافي بيان ۾ پنهنجي مٿان لڳايل الزامن جي سختي سان ترديد ڪريان ٿو. اهو الزام بلڪل ڪوڙو، بي بنياد ۽ حقيقت جي خلاف آهي. محمد انور چيو ته ماضي ۾ به اهڙي طرح ئي ڪوڙن الزامن ۽ هٿ ٺوڪيل اعترافي بيانن جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويندي رهيون آهن ۽ هاڻي ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي قتل ۾ به ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ايم ڪيو ايم  جي خلاف انهن ئي سازشن جو تسلسل آهي. 
*****

5/18/2024 5:59:12 AM