جيڪڏهن ڪراچي جي ماڻهن کي انهن جي حقن کان محروم رکيو ويو ته ايم ڪيو ايم ملڪي تاريخ جو سڀني کان وڏو ڌرڻو هڻندي.ڊاڪٽر فاروق ستار
اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ ڳالھھ ٻولھھ
ڪراچي: 5 جنوري 2016
اي پي ايم ايس او جي تحت اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ ٽي روزه ڪتب ميلي جو انعقاد ڪيو ويو. جنهن جو افتتاح ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار ڳالھھ ٻولھھ ڪندي چيو ته مڪاني نظام جمهوريت جو حسن ۽ حقيقي جمهوريت آهي، پر ان نظام کي ناڪام بڻائڻ جي سازش جي تحت ان کي بي اختيار بڻايو ويو آهي. انهن چيو ته جيڪڏهن ڪراچي جي ماڻهن کي انهن جي حقن کان محروم رکيو ويو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي جي شهرين کي انهن جا حق ڏيارڻ جي لاءِ ملڪي تاريخ جو سڀني کان وڏو ڌرڻو هڻندي. انهن وڌيڪ چيو ته اين اي ڊي يونيورسٽي کان تعليم حاصل ڪرڻ وارا شاگرد ملڪ ئي نه بلڪه ٻاهرين ملڪن ۾ به پاڪستان جو نالو روشن ڪن ٿا. انهن چيو ته شاگرد پنهنجي تعليم تي ڀرپور توجه ڏيڻ سان گڏو گڏ وطن عزيز ۽ ڪراچي جي ترقي جي لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪن.