دنيا جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام 4 جنوري بروز سومر تي شام جو 5 وڳي اتحاد بين المسلمين جي عنوان سان عالمن سڳورن جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيندو.
اجلاس کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين خطاب به فرمائيندا.
ڪراچي: 3 جنوري 2016
متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام سڄي دنيا خصوصن خليجي ملڪن جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ جي مختلف مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن جو اجلاس 4 جنوري بروز سومر تي شام جو 5 وڳي منعقد ڪيو ويو آهي. اجلاس کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين لنڊن کان ٽيليفونڪ خطاب به فرمائيندا.
*****