سينٽرل ضلعي ۾ نون چونڊيل چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ جنرل ڪائونسلرن جون وفاداريون مٽائڻ جي لاءِ پي پي جي سنڌ حڪومت جي طرفان پوليس جو استعمال مذمت جوڳو عمل آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 3 جنوري 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سينٽرل ضلعي جي نون چونڊيل چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ جنرل ڪائونسلرن جون وفاداريون مٽائڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت جي طرفان کلي عام پوليس کي استعمال ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته مڪاني اليڪشن ۾ حق پرست نمائندن کان بدترين شڪست کائڻ کان پوءِ پي پي جي قيادت وائڙائپ جو شڪار ٿي وئي آهي. ان جي ڪري اها ڪريل حرڪتن تي لهي آهي. انهن چيو ته پي پي جي حڪومت بدنام زمانه ايس ايڇ او ڪلري ارشد خان کي استعمال ڪري رهي آهي. جيڪو ان کان اڳ به لياري گينگ وار ۽ ڏوهارين جي سرپرستي ڪندو آيو آهي. رابطا ڪميٽي چيف اليڪشن ڪمشنر کان مطالبو ڪيو ته اهي پي پي حڪومت جي طرفان سينٽرل ضلعي ۾ چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن کي خوف زده ڪرڻ جو فوري طور تي نوٽس وٺن.
*****