ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جا ميمبر بغير ڪنهن اطلاع جي سيڪٽرن ۽ يونٽن جو دورو ڪندا.ڊپٽي ڪنوينر سيد شاهد پاشا.
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ڪراچي جي سيڪٽر انچارجن جي تربيتي نشست کي خطاب.
ڪراچي: 3 جنوري 2016
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر سيد شاهد پاشا چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي بغير ڪنهن اطلاع جي سيڪٽرن ۽ يونٽن جو دورو ڪندي ۽ تنظيمي نظم و ضبط جي خلاف ورزي ۾ ملوث پاتل ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي خلاف تنظيمي ڪاروائي به ڪندي. اها ڳالھھ انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ڪراچي جي سيڪٽر انچارجن ۽ ميمبرن جي تربيتي نشست کي خطاب ڪندي ڪئي . ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر شبير احمد قائم خاني، محترمه زرين مجيد، محترمه ريحانه نسرين، سي اي سي ميمبر احمد سليم صديقي، ابوبڪر صديقي، رفيع اڪبر ۽ معيد اصغر به موجود هئا. تربيتي نشست کي خطاب ڪندي شاهد پاشا چيو ته ذميوار ۽ ڪارڪن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تعليم جي روشني ۾ پنهنجي ڪردار، لباس، شخصيت، اخلاق ۽ تنظيمي نظم و ضبط تي خصوصي توجه ڏين ته جيئن ايم ڪيو ايم جي خلاف پکيڙيل منفي پروفيگنڊو ختم ٿئي. انهن چيو ته ساٿين کي گهرجي ته اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تعليم تي عمل ڪندي سٺا ۽ نظرياتي ڪارڪن بڻجن ڇو ته پاڙن ۽ علائقن ۾ ڪارڪنَ ايم ڪيو ايم جي سفير جي حيثيت رکن ٿا. انهن چيو ته ذميوار ۽ ڪارڪن تنظيمي لٽريچر پڙهڻ تي به زور ڏين. انهن ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي زور ڏنو ته اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي فڪري نشستن تي ٻڌل ڪتاب نفس اماره ۽ نفس لوامه به پڙهن.
*****